Share this link via
Personality Websites!
درياءَ وٽ اچي ٻيٺو، پنھنجو پيسن جو ٿيلهو ھڪ طرف رکيائين، درياءَ جي پاڻيءَ سان ھٿ ۽ مُنھُن ڌوتائين ۽ گهوڙي تي سوار ٿي هليو ويو پيسن جو ٿيلهو جيڪو ھُن ھڪ طرف رکيو ھو، کانئس کڻڻ وِسري ويو۔ ٿوري دير گذري ته اُتي ھڪ ٻار آيو، ھن ٿيلهو ڏٺو ۽ ان جي اندر پيسا ڏٺا ته ٿيلهو کڻي گھر هليو ويو۔
ڪجهه دير کان پوءِ ھڪ انڌو ۽ پوڙھو شخص اُتي آيو، کيس اکين سان ڪجهه نظر نه اچي رهيو هو، ھن درياءَ جي پاڻيءَ سان هٿ مُنھُن ڌوتو ۽ آرام ڪرڻ لاءِ ھڪ جڳھ تي ليٽي پيو۔ ايتري ۾ اُھو امير شخص جنھن جو ٿيلهو ھو، جڏھن کيس احساس ٿيو ته مان ٿيلهو ته درياءَ جي ڪناري تي وِساري آيو آھيان ته ھُو واپس موٽي آيو، ڏٺائين ته ھتي ته صرف ھِي انڌو پوڙھو شخص ئي موجود ھو، امير شخص پوڙھي کان پڇيو: ڇا تو ھتي منھنجو ٿيلهو ڏٺو آھي؟ پوڙھي وراڻيو: مان ته انڌو آھيان، مون ڪو ٿيلهو نه ڏٺو آھي. جنهن تي اهو امير شخص ڪاوڙجي پيو ۽ چوڻ لڳو: تون ڪوڙ ڳالھائي رهيو آھين، تو ئي ٿيلهو کنيو آھي، جلدي ٻڌاءِ ته ٿيلهو ڪٿي آھي، نه ته مان توکي قتل ڪري ڇڏيندس۔ پوڙھو کيس ايلاز مِنٿُون ڪرڻ لڳو ته ڀاءُ! مون تنهنجو ٿيلهو نه ڏٺو آھي، مان ته انڌو آھيان۔ ان امير شخص پوڙھي جي هِڪَ نه ٻڌي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي کيس قتل ڪري ڇڏيو.
ھِي منظر ڏسي حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي وڏي حيراني ٿي ته ھي ڪھڙو انصاف آھي؟ پوڙھي شخص جو ته ڪو ڏوھ ئي نه ھو، ھُو ته بي گناهه ماريو ويو۔ الله پاڪ وحي نازل فرمائي ته: اي موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم! اِهوئي اسان جو انصاف آھي، ڳالهه اصل ۾ هيءَ آھي ته اھو جيڪو ٻار ھو، ان جو والد ھن امير شخص وٽِ مزدوري ڪندو ھو، ھن ڪافي عرصو کيس مزدوري نه ڏني هئي، ٿيلهي ۾ جيڪا رقم ھئي، اصل ۾ اُھي مزدوريءَ جا ئي پيسا ھئا، جيڪي ھن امير شخص روڪي رکيا ھئا۔ تنهنڪري ان مزدور جي ڪَمائي،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami