Share this link via
Personality Websites!
ڪتاب يا رسالي يا ماهورا فيضانِ مدينه کي گهٽ مان گهٽ 12 منٽ پڙهيو يا ٻڌو ؟
الله پاڪ فرمايو:
وَ مِنْهُمْ اُمِّیُّوْنَ لَا یَعْلَمُوْنَ الْكِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ وَ اِنْ هُمْ اِلَّا یَظُنُّوْنَ(۷۸)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن مان ڪجهه اڻ پڙهيل آهن جيڪي ڪتاب کي نٿا ڄاڻن، پر زباني پڙهي وٺڻ يا ڪجھ پنهنجي من گهڙت ۽ اهي صرف وهم ۽ گمان ۾ پيل آهن. (پارہ:1،بقرہ :78)
* يعني بني اسرائيل ۾ هڪ گروهه اهو آهي جيڪي ديني ڪتاب نٿا پڙهن، بس ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي اعتقاد رکن ٿا، جنهن جي ڪري اهي ايمان کان محروم آهن. * معلوم ٿيو ته: ديني ڪتاب نه پڙهڻ، رڳو ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي يقين رکڻ، ڪڏهن ڪڏهن گمراهي جو سبب بڻجي ويندو آهي .
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
علم جو هڪ باب سکڻ، دنيا ۽ اُن ۾ موجود تمام شين کا بهتر آهي.[1]
(1) ديني ڪتاب پڙهڻ علم ۾ اضافي جو ذريعو ۽ وڏي ثواب جو ڪم آهي. (2) جيڪي ڪتاب اسلامي عقيدن ۽ نظرين يا شرعي حڪمن سان ٽڪرائجن، يعني انهن ۾ اسلامي عقيدن ۽ نظرين جي خلاف شيون هجن، اهڙا ڪتاب پڙهڻ حرام آهي.[2] (3) بد مذهبن جا ڪتاب پڙهڻ حرام آهي. [3] (4) ڊائجسٽ ۽ ناول وغيره جيڪي بي حيائي واريون تصويرون، فلمي اشتهار، عشقيه، فسقيه ۽ شهوت انگيز ڪهاڻين
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami