Share this link via
Personality Websites!
رحمٰن جي طرفان قرآن آڻڻ وارا * مرجهايل گل ٽڙائڻ وارا * روئندڙن کي کلائڻ وارا * سڙندڙن کي وسائڻ وارا * فرش تي رهي عرش تي حڪومت فرمائڻ وارا * صحراءِ عرب ۾ ويهي ساري جهان کي ڏسڻ وارا محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف آڻڻ وارا آهن. هاڻي جڏهن اسان جا محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف کڻي آيا، الله پاڪ جي طرفان انهن تي قرآن نازل ٿي رهيو آهي، پس انهن جي اچڻ ۽ قرآن ٻڌائڻ سان توهان جا ڪتاب سچا ثابت ٿي ويا ته انهن ڪتابن ۾ جيئن چيو ويو هو، بلڪل ائين ئي ٿيو. تنهنڪري پنهنجي ڪتابن تي پوري طرح ايمان رکڻ جي خاطر اسان جي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو ڪلمو پڙهي انهن جي دامنِ ڪرم ۾ داخل ٿي وڃو![1]
وَ لَا تَكُوْنُوْۤا اَوَّلَ كَافِرٍۭ بِهٖ۪-
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ سڀ کان پهريان ان جو انڪار ڪرڻ وارا نه بڻجو.
(سيپارو: 1، البقرة: 41)
آيتِ ڪريمه جي هن حصي جي هڪ معنيٰ علماءِ ڪرام اها ٻڌائي ته اي بني اسرائيل جا عالمو! * اڄ توهان اسان جي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي اکين سان ڏسي رهيا آهيو * توهان جي سامهون معجزا ظاهر ٿي رهيا آهن * قرآن توهان کي ٻڌايو پيو وڃي * جانور هتي سجدا ڪندا آهن، توهان ڏسندا آهيو * وڻ، پٿر انهن کي سلام ڪندا آهن، توهان ڏسندا آهيو، ان هوندي به جيڪڏهن توهان ڪلمو نه پڙهندؤ ته سڀاڻي توهان جا ايندڙ نسل، توهان جي پويان هلندا، توهان جي انڪار جي ڪري اهي به اسلام کان محروم رهجي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami