Share this link via
Personality Websites!
هاڻي اهي سڀ اتان اٿيا ۽ توريت شريف ۾ جيڪي حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جا اوصاف بيان ٿيل هئا، اهي توريت مان ڪڍي ڇڏيائون! ۽ ان جي جاءِ تي دجال جا جيڪي اوصاف توريت ۾ هئا، انهن کي حضورِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيائون. هاڻي انهن جو اهو من گهڙت جواب جڏهن ڪعب ٻڌو ته ان هر عالِم (جيڪي حقيقت ۾ جاهل هئا، انهن) کي انعام ڏنا! ان موقعي تي هي آيتِ ڪريمه نازل ٿي، الله پاڪ انهن کي ايمان آڻڻ جو حڪم ڏيندي فرمايو:[1]
وَ اٰمِنُوْا بِمَاۤ اَنْزَلْتُ مُصَدِّقًا لِّمَا مَعَكُمْ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ايمان آڻيو ان (ڪتاب) تي جيڪو مون لاٿو آهي اهو توهان وٽ موجود ڪتاب جي تصديق ڪرڻ وارو آهي. (سيپارو: 1، البقرة: 41)
يعني اي بني اسرائيل جا عالمَ...!! هن قرآن واري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تي، انهن جي آندل آسماني ڪتاب قرآنِ مجيد تي، انهن جي سمورن معجزن تي ايمان آڻيو! اول ته ان ڪري جو پوين ڪتابن ۽ رسولن وانگر هي به اسان جا موڪليل آهن. ٻيو ان ڪري ته هي ڪتاب قرآنِ مجيد ۽ اسان جا محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم توهان جي ڪتابن جي تصديق ڪرڻ وارا آهن. توهان جي ڪتابن ۾ اهو لکيل آهي، توهان جي نبين توهان کي اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته * اهڙي شڪل و شباهت وارا * اهڙن اعليٰ اخلاق ۽ صفتن وارا * اهڙين اعليٰ خوبين وارا * مڪي ۾ پيدا ٿي مديني طرف هجرت فرمائڻ وارا * سٺا ڪم سيکارڻ وارا * سڌو رستو ڏيکارڻ وارا * سچي ڳالهه ٻڌائڻ وارا * توحيد جو سبق پڙهائڻ وارا * ڪفر ۽ گمراهي مٽائڻ وارا *
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami