Share this link via
Personality Websites!
اهو هليو ويو ۽ پنهنجي علائقي ۾ ماڻهن کي چوندو ڦرندو هو: حضرتِ سيِّدُنا موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام هي فرمايو، پاڻ عَلَیْہِ السَّلام مون کي هي ڳالهه ٻڌائي. ان طرح جون ڳالهيون ڪري هو ماڻهن کان مال جمع ڪندو هو. ماڻهو حضرتِ سيِّدُنا موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام جو قريبي سمجهي ان جي تعظيم ڪندا هئا ۽ ان کي مال ودولت ڏيندا هئا. هو وڏو خوش ٿيندو هو ۽ جڳهه جڳهه وڃي چوندو هو، مون حضرت سيِّدُنا موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام کي هي فرمائيندي ٻڌو. مطلب ته! هن طرح ان تمام گهڻو مال جمع ڪري ورتو ۽ موٽي موسيٰ عَلَیْہِ السَّلام جي خدمت ۾ حاضر نه ٿيو. ڪافي ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود جڏهن اهو حاضرِ خدمت نه ٿيو ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ماڻهن کان ان جي متعلق پڇيو پر ڪنهن کي ان جي خبر نه هئي ته هاڻي اهو ڪٿي آهي؟ هڪ ڏينهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام هڪ هنڌ تشريف فرما هئا ته هڪ ڳوٺاڻو گذريو جنهن رسي سان ٻڌل سَهو پنهنجي ڳچي ۾ لٽڪائي رکيو هو. پاڻ عَلَیْہِ السَّلام ان کان پڇيو: اي الله پاڪ جا ٻانها! تون ڪٿان اچي رهيو آهين؟ عرض ڪيائين: فلاڻي ڳوٺ مان. فرمايائون: ڇا تون فلاڻي شخص کي سڃاڻين ٿو، جنهن مون کان علمِ دين سکيو؟ ڳوٺاڻي پنهنجي ڳچي ۾ لٽڪيل سَهي طرف اشارو ڪندي چيو: هيءُ ئي اهو شخص آهي جنهن جي متعلق اوهان عَلَيۡهِ السَّلَام پڇي رهيا آهيو. الله ربُّ العزَّت هن کي سهو بڻائي ڇڏيو آهي. ان جي متعلق حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تي وحي نازل ٿي، الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ (عَلَیْہِ السَّلام)! هن کي مون جانور ان ڪري بڻايو آهي جو هي دين جي ذريعي دنيا جي حقير دولت طلب ڪندو هو.[1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami