Share this link via
Personality Websites!
(3): دين جي بدلي دنيا نه خريد ڪريو!
پيارا اسلامي ڀائرو! آيتِ ڪريمه مان ٽيون سبق جيڪو سکڻ لاءِ مليو، اهو هي ته دين جي خاطر دنيا ڇٽي وڃي ته ڪو حرج ناهي، البت! دنيا جي خاطر دين کي ڇڏي ڏيڻ، نهايت ئي محرومي آهي. اها ئي ڳالهه آهي جيڪا الله پاڪ بني اسرائيل جي عالمن کي فرمائي، ارشاد ٿيو
وَ لَا تَشْتَرُوْا بِاٰیٰتِیْ ثَمَنًا قَلِیْلًا٘-
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ منهنجي آيتن جي بدلي ٿوري قيمت نه وٺو.
(سيپارو: 1، البقرة: 41)
حڪيمُ الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن جاءِ تي تمام ڪمال جو هڪ نڪتو بيان ڪيو، مان ٿورو آسان ڪري عرض ڪريان ٿو، فرمائن ٿا: دنيا ڄڻ رقم آهي، مثال طور! هي هڪ 100 جو نوٽ آهي ۽ آخرت ڄڻ قيمتي سامان آهي. قاعدو اهو آهي ته 100 جي نوٽ جي پنهنجي ڪا اهميت ناهي، نه ان کي کائي سگهجي ٿو، نه ان کي پائي سگهجي ٿو، نه ان سان اُڃ اجهائي سگهجي ٿي. ها! اهو 100 جو نوٽ خرچ ڪري کاڌو به خريد ڪري سگهجي ٿو، پاڻي به حاصل ڪري سگهجي ٿو. بلڪل اهڙي طرح هي دنيا آخرت جي پوک آهي، جيڪو ٻانهو هن دنيا جي ذريعي آخرت ڪمائي ٿو، اهو تمام عقلمند آهي ۽ جيڪو بي عقل آخرت جي بدلي دنيا ڪمائي ٿو، اهو تمام نادان آهي جو دنيا عنقريب ختم ٿي ويندي، پوءِ ان جي لاءِ هميشه جي محرومي رهجي ويندي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته دنيا کي آخرت جي بهتري جو ذريعو بڻايون، ائين نه هجي ته دنيا جي خاطر دين کي ڇڏي ڏيون * ڪجھ پيسن جي خاطر * ڪنهن امير ملڪ جي ويزا وٺڻ جي خاطر *
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami