Share this link via
Personality Websites!
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هي برائي جي پيشوا جو انجام آهي، اهو ٻانهو جيڪو پاڻ ته برو هو، ان سان گڏوگڏ ٻين کي به پنهنجي پويان لڳائي وٺندو هو، پاڻ سان گڏ گناهه ۾ شريڪ ڪري وٺندو هو، جنهن جا نسل ان جي ڪري گناهن ۾ مبتلا ٿيا هوندا، قيامت جي ڏينهن ان جي لاءِ غم مٿان غم هوندو ۽ ان جو چهرو تمام گهڻو ڪارو ٿي ويندو. ان ڪري اسان تي اهو لازم آهي ته برائين کان بچون، گناهن کان هڪ ته ان ڪري بچون ته هي الله پاڪ جي نافرماني آهي، ٻيو اهو به غور ڪري وٺون ته اڄ اسان جو اپنايل گناهه سڀاڻي اسان جي نسلن تائين به پهچي سگهي ٿو، جيڪڏهن پنهنجي نسلن جي لاءِ گناهه ۽ برا ڪم ورثي ۾ ڇڏيا ته يقين ڪريو! * قبر * حشر * ميزان ۽ * پل صراط تي سخت مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو. الله پاڪ اسان کي ان آفت کان بچائي، ڪاش! اسان برائين ۽ گناهن جو سبب بڻجڻ جي بجاءِ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا بڻجي وڃون، سٺا سٺا ڪم ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، دين جي خدمت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، ڪاش! اسان نيڪيون ڦهلائڻ وارا ۽ گناهن کان پاڻ بچڻ ۽ ٻين کي بچائڻ وارا بڻجي وڃون.
حُبِّ دُنیا میں دل پھنس گیا ہے نَفسِ بدکار حاوِی ہوا ہے
ہائے شیطاں بھی پیچھے پڑا ہے یاخدا! تجھ سے میری دُعا ہے
نارِ دوزخ سے مجھ کو اَماں دے مغفرت کرکے باغِ جِناں دے
نیک بن جاؤں جی چاہتا ہے یا خُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami