Share this link via
Personality Websites!
نالو وٺي پڪاريو ويندو، اهو حساب جي لاءِ اڳتي وڌندو، هاڻي ان جي هٿ ۾ ڪارو اعمالنامو ڏنو ويندو، ان تي ڪاري رنگ سان اعمال لکيل هوندا، هاڻي ان کي اعمالنامو پڙهڻ جو حڪم ڏنو ويندو، تنهنڪري اهو پهريان پنهنجون نيڪيون پڙهڻ شروع ڪندو، پڙهندو ويندو، پڙهندو ويندو، ايستائين جو سمجهندو ته مون وٽ ايتريون نيڪيون آهن، تنهنڪري مان بخشجي ئي ويندس پر اهو نيڪيون پڙهندي پڙهندي جيئن ئي آخر تائين پهچندو ته اتي لکيل هوندو: ہٰذِہٖ حَسَنَاتُکَ وَ قَدْ رُدَّتْ عَلَیْکَ تنهنجون نيڪيون آهن، جيڪي سڀ جون سڀ رد ڪيون وڃن ٿيون. اهو پڙهي ان جو چهرو ڪارو ٿي ويندو، دل تي غم ڇانئجي ويندو، ڀلائي کان مايوس ٿي هاڻي اهو اعمالنامي جي ٻئي طرف ڏسندو، اتي ان جا گناهه ئي گناهه لکيل هوندا، اهو هڪ هڪ گناهه پڙهندو ويندو، ان تي غم مٿان غم ڇانئجي ويندو، چهري جي ڪاراڻ وڌندي ويندي، جڏهن پڙهندي پڙهندي آخر ۾ پهچندو ته لکيل هوندو: ہٰذِہٖ سَیَّئَاتُکَ وَ قَدْ ضُوْعِفَتْ عَلَیْکَ هي تنهنجون برائيون آهن، اڄ انهن جو ٻيڻو عذاب هوندو (يعني تنهنجي برائي جو به عذاب توکي ڏنو ويندو، پوءِ تنهنجي سبب سان جيڪي برا بڻيا، انهن جو گناهه به تنهنجي اعمالنامي ۾ وڌو ويندو)، هاڻي ان جون اکيون نيريون ٿي وينديون، چهرو بلڪل ڪارو ٿي پوندو، ان کي ڏامر جو لباس پارايو ويندو، پوءِ حڪم ٿيندو: وڃ! اهي ماڻهو جيڪي تنهنجي پويان (لڳي بري رستي تي) هلندا رهيا، انهن کي پنهنجو انجام ٻڌاءِ. هاڻي هي پنهنجي مڃڻ وارن وٽ پهچندو ۽ چوندو: هاءِ هاءِ! ڪاش! مون کي منهنجو اعمالنامو نه ڏنو وڃي ها، ڪاش! مان نه ڄاڻان ها ته حساب ڇا ٿيندو آهي، ڪاش! موت منهنجو ڪم تمام ڪري ڇڏي ها....!![1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami