Share this link via
Personality Websites!
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! اهو ان شخص جو انجام آهي جيڪو برائي جو پيشوا (اڳواڻ) بڻجي ٿو ۽ جيڪو برائي جو اڳواڻ بڻجي يعني پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ برائي ايجاد ڪري وڃي يا جنهن جي ڪري ماڻهو بري رستي جا مسافر بڻجي وڃن، قيامت جي ڏينهن ان جو انجام ڇا ٿيندو؟ ٻڌو! الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اَمَّا مَنْ اُوْتِیَ كِتٰبَهٗ بِشِمَالِهٖ ﳔ فَیَقُوْلُ یٰلَیْتَنِیْ لَمْ اُوْتَ كِتٰبِیَهْۚ(۲۵) وَ لَمْ اَدْرِ مَا حِسَابِیَهْۚ(۲۶) یٰلَیْتَهَا كَانَتِ الْقَاضِیَةَۚ(۲۷) مَاۤ اَغْنٰى عَنِّیْ مَالِیَهْۚ(۲۸) هَلَكَ عَنِّیْ سُلْطٰنِیَهْۚ(۲۹) خُذُوْهُ فَغُلُّوْهُۙ(۳۰) ثُمَّ الْجَحِیْمَ صَلُّوْهُۙ(۳۱) ثُمَّ فِیْ سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُوْنَ ذِرَاعًا فَاسْلُكُوْهُؕ(۳۲) اِنَّهٗ كَانَ لَا یُؤْمِنُ بِاللّٰهِ الْعَظِیْمِۙ(۳۳)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ رهيو اهو جنهن کي ان جو اعمالنامو کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته اهو چوندو: اي ڪاش جو مون کي منهنجو اعمالنامو نه ڏنو وڃي ها ۽ مان نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڪهڙو آهي اي ڪاش جو دنيا جو موت ئي (منهنجو ڪم) تمام ڪرڻ وارو ٿي وڃي ها منهنجو مال منهنجي ڪنهن ڪم نه آيو منهنجو سڄو زور ويندو رهيو (فرشتن کي حڪم ٿيندو) ان کي پڪڙيو پوءِ ان جي ڳچيءَ ۾ ڳَٽ وجهو پوءِ ان کي ٽهڪندڙ باھ ۾ داخل ڪريو پوءِ اهڙين زنجيرن ۾ جڪڙيو جنهن جي ڊيگھ ستر هٿ آهي بيشڪ اهو عظمت واري الله تي ايمان نه آڻيندو هو. (سيپارو: 29، الحاقه: 25_ 33)
هن آيتن جي تحت تفسير قُرطبي ۾ آهي: هي برائي جي پيشوا جو ذڪر آهي (يعني اهو شخص جنهن برائي ايجاد ڪئي يا جنهن جي برن ڪمن ۾ پيروي ڪئي ويندي هئي، هي ان جو حال آهي)، ان کي قيامت جي ڏينهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami