Share this link via
Personality Websites!
هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جو نالو عبدالله هو. پاڻ فرمائن ٿا ته اسان ڪجهه ماڻهو سمنڊ جي سفر تي روانا ٿياسين. اتفاقاً ڪجهه ڏينهن تائين گهٽ اوندهه ڇانيل رهي، جڏهن روشني ٿي ته هڪ بستي سامهون اچي وئي. عبدالله چوي ٿو ته مان پيئڻ جي پاڻيءَ جي تلاش ۾ نڪتس، پر بستيءَ جا دروازا بند هئا، مون گهڻيون ئي صدائون ڏنيون پر ڪو جواب نه آيو. ان ئي دوران ٻه شهسوار (يعني گهوڙي سوار) ظاهر ٿيا، انهن چيو: اي عبدالله! هن گهٽيءَ ۾ داخل ٿي وڃ، اتي توکي پاڻيءَ جو هڪ حوض ملندو، ان مان پاڻي ڀري وٺجانءِ ۽ اتي جو منظر ڏسي خوفزده نه ٿجانءِ . مون انهن کان انهن بند دروازن بابت پڇيو جن مان هوائون گهلي رهيون هيون، انهن ٻڌايو ته: ”اهي اهي گهر آهن جن ۾ فوت ٿي ويلن جا روح رهن ٿا.“ پوءِ جڏهن مان حوض تي پهتس ته ڏٺم ته هڪ شخص پاڻيءَ تي ابتو لٽڪيل آهي، هو پنهنجي هٿ سان پاڻي کڻڻ چاهي ٿو پر ناڪام ٿي ويندو آهي. مون کي ڏسي هو پڪارڻ لڳو: اي عبدالله! مون کي پاڻي پيار. مون ٿانو کڻي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ته جيئن کيس پاڻي پياري سگهان پر ڪنهن منهنجو هٿ پڪڙي ورتو. مون ان لٽڪيل ماڻهوءَ کي چيو: اي بندهِ خدا! تو ڏسي ورتو ته مون پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي ته توکي پاڻي پياريان پر منهنجو هٿ پڪڙيو ويو، تون مون کي پنهنجو واقعو ٻڌاءِ. تنهن تي هن چيو: مان حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَمجو پٽ (قابيل) آهيان، جنهن دنيا ۾ سڀ کان پهريون قتل ڪيو هو.[1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami