Share this link via
Personality Websites!
ايئن ئي ڏسو! * فارس جو هڪ شخص هو، نالو هو: زُوطِي۔ انهن هڪ سٺو فيصلو ورتو، سندن دل ۾ ايمان جو نور چمڪيو، انهن ڪلمو پڙهيو ۽ دائرهءِ اسلام ۾ داخل ٿي ويا، پوءِ انهن پنهنجو نالو نعمان رکيو، اهو هڪ ماڻهوءَ جو سٺو فيصلو هو، پوءِ انهن جو پورو نسل مسلمان ٿي ويو.[1] ۽ ربِّ ڪريم انهن جي نسل ۾ هڪ عظيم الشان هستي کي پيدا فرمايو، جن جا اڄ لکين نه، ڪروڙين مڃڻ وارا آهن، انهن جو نالو آهي نُعْمَان بن ثَابِت ۽ دنيا انهن کي امامِ اعظم چوندي آهي. ڏسو! شروعات هڪ شخص کان ٿي، پوءِ ان جي ڪري ايندڙ نسل سنورجي ويا.
خبر پئي: چڱائي هجي يا برائي، ان جي شروعات هڪ ئي شخص کان ٿيندي آهي، اسان وٽ عام طور تي اهو جملو ڳالهايو ويندو آهي: اسان جا ابا ڏاڏا ائين ئي ڪندا هئا. اڄ اسان جي معاشري ۾ هزارين رسمون رائج آهن، انهن ۾ سٺيون به آهن، بُريون به آهن ۽ ماڻهو انهن کي ادا ڪندا آهن، جيڪڏهن چيو وڃي ته اهي بريون رسمون ڇڏي ڏيو...! ! ته چوندا آهن: اسان جا ابا ڏاڏا ائين ڪندا هئا، هاڻي اهي ابا ڏاڏا ڪير آهن؟ ان جي ڇنڊڇاڻ شروع ڪريون ته آخر ۾ هڪ شخص ملندو، جنهن اها رسم شروع ڪئي هوندي، اڄ تائين اها رسم رائج آهي، نسلن جا نسل ان تي هلي رهيا آهن. بلڪل اهڙي طرح اڄ جيڪو والد آهي، اهو سڀاڻي ڏاڏو به هوندو، الله پاڪ اسان جي نسلن کي سلامت رکي، اڄ جو والد سڀاڻي جو پڙڏاڏو به هوندو، تڙڏاڏو به هوندو، پوءِ ايندڙ نسل، اسان جو مثال ڏئي چوندا: اسان جا ابا ڏاڏا ائين ڪندا هئا. هاڻي فيصلو اسان جو آهي، اهو اسان کي سوچڻو آهي ته اسان پنهنجي نسلن کي ڇا ڏئي رهيا آهيون؟ اهو ڪهڙو ڪاروبار آهي جيڪو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami