Share this link via
Personality Websites!
فيصلا وٺندا آهيون، اسان جيڪي عادتون اپنائيندا آهيون، اسان جيڪو ڪجهه هن دنيا ۾ ڪري رهيا آهيون، اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾ اسان کي پنهنجي نسلن جو لحاظ ڪرڻ به ضروري آهي.
ياد رکو! برائي هجي يا چڱائي هجي، ان جي شروعات هميشه هڪ فرد کان ٿيندي آهي، هڪ ماڻهو برائي جو رستو اختيار ڪندو آهي، ان جي نتيجي ۾ پورا پورا نسل تباهه ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح هڪ ماڻهو چڱائي جو رستو اختيار ڪندو آهي، ان جي نتيجي ۾ نسلن جا نسل سنورجي ويندا آهن. ڪجھ مثال عرض ڪريان: * پراڻي دور ۾ يمن جا ماڻهو سج کي پنهنجو خدا مڃيندا هئا، سج جي عبادت ڪندا هئا، ان جو ذڪر قرآنِ ڪريم ۾، سورتِ نمل ۾، ملڪهءِ بلقيس جي واقعي ۾ به ٿيو، هاڻي ڪڙيون جوڙڻ شروع ڪريو! يمن ۾ سج جي پوڄا ڪٿان شروع ٿي هئي، ان سڄي شرڪ جي پويان اسان کي هڪ شخص نظر اچي ٿو ۽ اهو هو: سَبَا اَڪْبَر: هن هڪ شخص سج جي پوڄا شروع ڪئي، پوءِ نسلن جا نسل ان شرڪ ۾ مبتلا ٿي ويا.[1] * اهڙي طرح عرب ۾ شرڪ عام هو، ايستائين جو ڪعبي شريف جي چوڌاري 360 مجسما رکيل هئا ۽ ماڻهو انهن جي پوڄا ڪندا هئا، اهو شرڪ ڪٿان شروع ٿيو؟ هڪ ماڻهو کان. عَمْرو بِنْ لُحَيْ بدبخت هو، جنهن پهريون ڀيرو عرب ۾ شرڪ جو آغاز ڪيو هو، پوءِ اها برائي وڌندي وڌندي پوري عرب ۾ پکڙجي وئي.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami