Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه مان هڪ ٻيو سبق جيڪو اسان کي سکڻ لاءِ ملي ٿو، اهو آيتِ ڪريمه جي هن حصي ۾ آهي:
وَ لَا تَكُوْنُوْۤا اَوَّلَ كَافِرٍۭ بِهٖ۪-
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ سڀ کان پهريان ان جو انڪار ڪرڻ وارا نه بڻجو.
(سيپارو: 1، البقرة: 41)
يعني قرآن جا، دينِ اسلام جا، محبوبِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جا پهريان ڪافر نه بڻجو...!!
هتي غور ڪرڻ جي ڳالهه آهي، اها جيڪا هڪ سوچ ڏني پئي وڃي، علماءِ بني اسرائيل کي ايمان جو حڪم ڏيڻ جي لاءِ جنهن پهلوءَ طرف انهن جو ڌيان ڇڪايو پيو وڃي، يعني انهن کي چيو ويو ته اي بني اسرائيل جا عالِمو! اڄ جيڪڏهن توهان ڪفر ڪندؤ ۽ پنهنجي ان ڪافراڻي روش تي اٽل رهندؤ، ته اها هڪ برائي ته آهي ، ان سان گڏوگڏ ان ۾ برائي جو هڪ ٻيو پهلو به آهي، اهو هي ته اڄ توهان جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته توهان جي ان ڪفر جي ڪري توهان جا نسل به بگڙجي سگهن ٿا، اهي به توهان جي ئي نقشِ قدم تي هلندا، پوءِ انهن جي ڪفر جو به گناهه توهان جي مٿي تي ايندو، تنهنڪري اڄ پنهنجي نسلن جو به فڪر ڪريو! اڄ توهان ايمان آڻيندؤ، اڄ توهان سنورجي ويندؤ ته ان جي صدقي ۾ توهان جا ايندڙ نسل به سنورجي ويندا...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! هتان اسان کي هڪ روشني ملي ٿي، هڪ سبق سکڻ لاءِ ملي ٿو، اهو هي ته اڄ اسان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، اسان جيڪي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami