Share this link via
Personality Websites!
ھتي ھڪ وضاحت ڪندو هلان ته ڪو شخص دنيا ۾ ڪيترو عرصو زندهه رھندو؟ سندس عمر ڪيتري ٿيندي؟ اِھو ته پھريان ئي لکجي چڪو آھي، پوءِ احاديث جي روشني ۾ عمر وڌڻ جو ڇا مطلب آھي؟ عُلماء هن جا 2 مطلب ٻڌايا آھن: (1): عمر وڌڻ جو مطلب هي آھي ته ٻانهي جي زندگيءَ ۾ برڪت رکي ويندي ۽ اُھو ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪم ڪري وٺندو. جيئن: اعليٰ حضرت رحمۃُ اللہِ علیہ جي عمر مبارڪ صرف 68 سال هئي پر پاڻ ڪم ايترو ته ڪيائون جو اڄ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ 100 ماڻھو گڏجي به ايترو ڪم نه ٿا ڪري سگھن. اِھو آھي عمر وڌڻ جو ھڪ مطلب ته سندس وقت ۾ برڪت رکي ويندي آهي. (2): ٻيو مطلب هي آھي ته ٻانهو جڏهن عمر وڌائڻ وارو ڪو (نيڪ) عمل ڪندو آهي ته پوءِ تقديرِ معلق جيڪا تقدير جو هڪ قسم آهي، اُن ۾ تبديلي ڪئي ويندي آهي ۽ سندس عمر وڌائي ويندي آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي ٿو[1]:
یَمْحُوا اللّٰهُ مَا یَشَآءُ وَ یُثْبِتُ ۚۖ- (پارو: 13، سورة رعد: 39)
ترجموڪنزالعرفان: الله جيڪو چاهيندو آهي مٽائيندو آهي ۽ ثابت رکندو آهي.
(3): عمر وڌائڻ جو ٽيون مطلب هي آھي ته ٻانهي کي ثوابِ جاريه جي توفيق بخشي ويندي آهي. جنھن جي برڪت سان ٻانهو جيتوڻيڪ قبر ۾ هليو ويندو آهي پر تنهن هوندي به سندس نيڪين جو ميٽر ھلندو رھندو آھي.
بھرحال! عمر وڌڻ جي جيڪا به صورت ھجي، ٽنھي صورتن ۾ فائدو ئي فائدو آھي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami