Share this link via
Personality Websites!
عرض ڪيائون: جي ھا، اُهي هڪ سال وڌيڪ زندهه رھيا آھن. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا ان شھيد ٿيڻ واري جي ڀيٽ ۾ ھڪ سال وڌيڪ رمضان جا روزا نه رکيا هئا؟ اصحابن عرض ڪيو: جي ھا، رکيا هئائون. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ٻيهر پڇيو: ڇا ان بعد ۾ وفات ڪرڻ واري صحابيءَ ايترا سجدا وڌيڪ نه ڪيا هئا؟ عرض ڪيو ويو: جي ھا، ڪيا هئائون. ان تي پياري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: بس اِهو ئي سبب آهي جنهن جي ڪري انهن ٻنھي جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آھي. ([1])
میں بے کار باتوں سے بچ کے ہمیشہ کروں تیری حمدوثنا یاالٰہی!
مِرے دل سے دنیا کی چاہت مٹا کر کر اُلفت میں اپنی فنا یاالٰہی!
عبادت میں گزرے مِری زندگانی کرم ہو کرم یاخدا یاالٰہی! ([2])
اللہ پاڪ اسان کي نيڪين سان ڀرپور ڊگھي عمر عطا فرمائي. اچو ته! احاديث ڪريمه جي روشنيءَ ۾ ڊگھي عمر ماڻن جا ڪجھ نسخا ٻڌون ٿا:
(1): نيڪي عُمِر کي وڌائيندي آهي
حديث پاڪ ۾ آھي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو:
لَا يَرُدُّ الْقَضَاءُ اِلَّا الدُّعَاءُ وَ لَا يَزِيْدُ فِي الْعُمْرِ اِلَّا الْبِرُّ
ترجمو: صرف دعا ئي تقدير کي ٽاري سگھي ٿي ۽ صرف نيڪي ئي آھي جيڪا عمر کي وڌائيندي آهي.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami