Share this link via
Personality Websites!
تمام وڏي رتبي وارا صحابيءِ رسول حضرت طلحه بن عبيد اللہ رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: ھڪ ڀيرو ٻه شخص بارگاہهِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، ٻنھي ڪلمو پڙھيو ۽ صحابيت جي درجي تي فائز ٿي ويا (ٻئي ڄڻا ئي نيڪ ۽ پرھيزگار ھئا، پر) انھن مان ھڪ عبادت ۽ رياضت ۾ ڏاڍي محنت ڪندو ھو، جيڪو وڌيڪ عبادت گذار ھو، اُھو ھڪ ڀيري ڪنھن غزوه ۾ شامل ٿيو ۽ شھيد ٿي ويو. پوءِ ھڪ سال کان پوءِ ٻئي صحابي رَضِیَ اللہُ عنہ جو به انتقال ٿي ويو.
حضرت طلحه رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: انهن ٻنھي جي دنيا کان وڃڻ کان پوءِ ھڪ رات مون خواب ڏٺو، ڇا ٿو ڏسان ته مان جنت جي دروازي تي بيٺو آھيان، اُھي ٻئي صحابيءِ رسول رَضِیَ اللہُ عنہما به اتي موجود آھن، ايتري ۾ جنت جي اندران ڪو ٻاهر نڪري آيو ۽ اهي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جن جو وصال هڪ سال پوءِ ٿيو هو، انهن کي (پاڻ سان گڏ) جنت ۾ وٺي ويو. ٿوري دير کان پوءِ اهو شخص ٻيهر ٻاهر آيو ۽ هن ڀيري ان صحابي سڳورن کي وٺي جنت ۾ داخل ٿي ويو جيڪي هڪ سال اڳ شهيد ٿيا هئا.
صبح ٿيو ته حضرت طلحه رَضِیَ اللہُ عنہ پنھنجو خواب صحابه ڪرام علیہم ُالرِّضْوَان کي ٻڌايو، اِهو ٻڌي سڀئي حيران ٿي ويا، جڏھن اُھا ڳالھ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تائين پھتي ته پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: اي صحابيو! توھان کي حيراني ڪهڙي ڳالھ تي آھي؟ عرض ڪيائون: يارسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! ھڪ صحابي وڌيڪ عبادت گذار ھئا، پوءِ کين شھادت جو درجو به مليو، ان جي باوجود به اُھي بعد ۾ جنت ۾ داخل ٿيا ۽ ٻئي پاسي اُهي صحابي آهن جن جو ھڪ سال دير سان انتقال ٿيو، اُھي اڳ ۾ جنت ۾ داخل ٿيا، ان جو سبب ڇا آھي؟ پياري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا اُهي ٻيا صحابي ھڪ سال وڌيڪ زندهه نه رھيا؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami