Share this link via
Personality Websites!
اللہ پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي:
وَ مَا هُوَ بِمُزَحْزِحِهٖ مِنَ الْعَذَابِ اَنْ یُّعَمَّرَؕ-وَ اللّٰهُ بَصِیْرٌۢ بِمَا یَعْمَلُوْنَ۠(۹۶) (پارو: 1، سورة بقرة: 96)
ترجموڪنزالعرفان: حالانڪه ايتري عمر جو ڏنو وڃڻ به ان کي عذاب کان پري نه ڪري سگھندو ۽ الله انهن جي سمورن عملن کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي۔
يعني صرف ھن دنيا ۾ سالن تائين زندهه رھڻ عذاب کان بچائي نه سگھندو. موت ھرحال ۾ اچڻو ئي اچڻو آھي. ايئن نه ٿيندو ته فلاڻو جيئن ته 2000 سال زندهه رھيو، تنھنڪري کيس بخشيو وڃي، فلاڻو جيئن ته 50 سال زندهه رھيو، ان ڪري سندس پڪڙ ڪئي وڃي. اللہ پاڪ سڀني جا اعمال ڏسي رهيو آهي، ھر ڪنھن کي ان جي عمر مطابق نه پر زندگيءَ ۾ ڪمايل عملن جي مطابق جزا ڏني ويندي.
ایک دن موت آ کر رہے گی ضَرور اِس کو تم مجرِمو! کچھ سمجھنا نہ دور
بعدِ مُردَن(موت) نہ پاؤ گے کوئی سُرور ایسے ہو جائے گا خاک سارا غُرور ([1])
اسان جي پياري پياري آقا و مولا، مڪي مدني مصطفٰيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ سوال ٿيو: يَارَسُولَ اللَّهِ اَيُّ النَّاسِ خَيْرٌ؟ يعني يارسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! سٺو شخص ڪير آھي؟ فرمايائون: مَنْ طَالَ عُمْرُهٗ وَ حَسُنَ عَمَلُهٗ يعني جنھن جي عمر ڊگھي ۽ سندس اعمال چڱا ھجن، اُھو شخص بھترين آھي. پوءِ ٻيهر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami