Share this link via
Personality Websites!
ڊِگهي ڄَمار جي دعا ڪهڙي طرح ڏيون...؟
پيارا اسلامي ڀائرو! ڳالھ واقعي سمجھڻ جي آھي. عام طور تي سڀني کي گهڻو عرصو زندهه رھڻ جي خواھش هوندي آھي، عام طور تي اسان ھڪ ٻئي کي دعائون به ڏيندا آھيون: ھزارين سال جيئو! وڏي عمر ماڻيو! وڏي عمر وارن شخصن سان ملاقات ٿيندي آهي ته اُھي پيار مان مٿي تي ھٿ رکي چوندا آھن: شال ڊگهي حياتي ماڻيو!
اهڙيون دعائون ڏيڻ ۾ ڪو حرج نه آھي، دنيا ۾ وڌيڪ عرصو زندهه رھڻ جون به الڳ فضيلتون آھن، پر مان ڳالھ سوچ جي ڪري رھيو آھيان. حضرت عمر بن عبد العزيز رحمۃُ اللہِ علیہ توجھ ڏياري ته زندگي ته جيتري آھي، سا آھي، تقدير ۾ لکجي چڪي آھي، اوھان منھنجي لاءِ نيڪ عملن جي دعا ڪريو ته جيسيتائين زندهه رھان، نيڪيون ڪندو رھان.
سُبْحٰنَ اللہ! اهڙي سوچ اسان کي به اپنائڻ گھرجي، پنھنجي عادت بڻائي ڇڏيو ته جڏھن به ڪنھن کي ڊگھي عمر جي دعا ڏيڻي ھجي ته هن طرح ڏيو: الله پاڪ توھان کي نيڪيُن ڀَرِي ڊگھي عمر عطا فرمائي.
رضاؔ منزل تو جیسی ہے وہ اِک میں کیا، سبھی کو ہے
تم اس کو روتے ہو، یہ تو کہو یاں ہاتھ خالی ہے
وضاحت: اي رضا! (هن دنيا مان) وڃڻ جي غم ۾ ڇو ٿا روئو؟ وڃڻ ته طئي آهي، سڀني کي هڪ ڏينهن (هتان) وڃڻو ئي آهي. روئڻ ته ان ڳالهه تي گهرجي ته نيڪ عملن کان پنهنجو اعمال نامو خالي آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami