Share this link via
Personality Websites!
پنھنجي ڏاڏي حضرت مولانا خدا بخش رحمۃُ اللہِ علیہ کان پنهنجي گھر ۾ ئي حاصل ڪيائون * پوءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي مدرسه ناصر العلوم ۾ پڙھندا رھيا * پوءِ جونپور آيا ۽ مولانا محمد صديق رحمۃُ اللہِ علیہ کان ڪجھ اسباق پڙھيائون، آخر حضرت علامه ھدايت اللہ خان رحمۃُ اللہِ علیہ جي خدمت ۾ حاضر ٿي درسِ نظامي يعني عالم ڪورس مڪمل ڪيائون * ان کان پوءِ پاڻ رحمۃُ اللہِ علیہ پِيلي ڀيت ۾ حضرت مولانا وَصي احمد سورتي رحمۃُ اللہِ علیہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ انهن کان دورہءِ حديث شريف مڪمل ڪيائون. ([1])
* صدر الشريعه رحمۃُ اللہِ علیہ کي هيءَ سعادت به نصيب ٿي جو پاڻ 18 سالن تائين اعليٰ حضرت رحمۃُ اللہِ علیہ جي صحبت بابرڪت ۾ حاضر رھيا۔ ([2])
مُرْشِدِ کامِل کا مَنْظُورِ نظر امجد علی اس پہ دائِم لطف فرما چشم حق بینِ رضا
وضاحت: يعني صدر الشريعه، مفتي محمد امجد علي رحمۃُ اللہِ علیہ پنھنجي پير و مرشد، اعليٰ حضرت رحمۃُ اللہِ علیہ جا منظورِ نظر آھن، اعليٰ حضرت رحمۃُ اللہِ علیہ جي حق کي سڃاڻڻ ۽ ڄاڻڻ واري نظر ھميشہ انهن جي مٿان لطف فرمائي رھي آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! صدر الشريعه، مولانا امجد علي اعظمي رحمۃُ اللہِ علیہ اعليٰ حضرت رحمۃُ اللہِ علیہ جي خدمت باسعادت ۾ حاضر ٿيڻ کان پوءِ سڄي عمر خدمتِ دين ۾ ئي مصروف رھيا، آخر 1367 ھجري مطابق 1948 ع ۾ پاڻ رحمۃُ اللہِ علیہ حج جو ارادو فرمايو ۽ مديني پاڪ جي طرف روانو ٿيڻ واري جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ پنھنجي ڳوٺ مدينة العلماء گھوسيءَ شريف کان بمبئي تشريف کڻي آيا، ھتي کين نمونيا ٿي پيو ۽ ٻيڙي ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ ئي ذوالقعده شريف جي ٻين رات، 12 لڳي 26 منٽن تي ھن دنياءِ فانيءَ کان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami