Share this link via
Personality Websites!
پوندي ته آئون چڱائي ڪري رھيو آھيان يا برائي ڪري رھيو آھيان (يعني مون کي ته پنھنجا سڀ ڪم ئي چڱا معلوم ٿيندا آهن، پر حقيقت ۾ چڱن ڪمن ۽ برن ڪمن جي سڃاڻپ ڪهڙي آھي)؟ نبيءِ رحمت، شھنشاہهِ نبوت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏھن توھان پنھنجي پاڙي واري کي هِي چوندي ٻڌو ته توھان ڀلائي ڪئي ته واقعي اوھان ڀلائي ڪئي ۽ جڏھن اوھان پاڙيسريءَ کي هِي چوندي ٻڌو ته اوھان برائي ڪئي ته واقعي اوھان برائي ڪئي۔ ([1])
اي عاشقان رسول! اسلام ۾ پاڙيسريءَ کي تمام گهڻي اھميت ڏني وئي آھي، ايتري قدر جو اُھي اعمال جن جي ذريعي اسان جو ايمان ڪامل ٿيندو آھي، انھن ۾ پاڙي وارن سان حُسنِ سلوڪ کي به شامل ڪيو ويو آھي يعني اسان ان وقت تائين ڪامل مؤمن نه ٿا ٿي سگھون جيسيتائين پاڙي وارن جا حق ادا نه ٿا ڪريون۔ حضرت عبداللہ بن مسعود رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آھي، اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسول ھاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: لَا يُؤْمِنُ عَبْدٌ لَا يَاْمَنُ جَارُہٗ بَوَائِقَہٗ اُھو شخص (ڪامل) مؤمن نه آھي جنھن جو پاڙيسري سندس شَرَ کان محفوظ نه آهي. ([2])
اُهو ايمان وارو نه ٿو ٿِي سگهي جيڪو.......
ھڪ ڀيري اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسول ھاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم 3 دفعا اللہ پاڪ جو قسم کڻي، ارشاد فرمايو: وَاللہِ لَا يُؤْمِنُ اللہ جو قسم! اُھو مؤمن نه ٿو ٿي سگھي وَاللہِ لَا يُؤْمِنُ اللہ جو قسم! اُھو مؤمن نه ٿو ٿي سگھي وَاللہِ لَا يُؤْمِنُ اللہ جو قسم! اُھو مؤمن نه ٿو ٿي سگھي. صحابه ڪرام علیہم ُالرِّضْوَان عرض ڪيو: يارسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ڪير مؤمن نه ٿو ٿي سگھي؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami