Share this link via
Personality Websites!
اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت سفيان ثوري رحمۃُ اللہِ علیہ فرمائن ٿا: ھڪ ڀيرو ھڪ شخص امير المؤمنين حضرت عمر بن عبد العزيز رحمۃُ اللہِ علیہ کي دعا ڏيندي چيو:
اَبْقَاکَ اللہُ
اللہ پاڪ توھان کي ڊگھي عمر عطا فرمائي.
حضرت عمر بن عبد العزيز رحمۃُ اللہِ علیہ جي سوچ وڏي ڪمال جي ھئي. اسان جهڙن کي ڪو ڊگھي عمر جي دعا ڏئي ته اندر ئي اندر ۾ ھڪ قسم خوشي محسوس ٿيندي آھي، دل ۾ خيال ايندو آھي ته اهڙي نيڪ ھستيءَ ڊگھي عمر جي دعا ڏني آھي، ھاڻي ته آئون 100 سال جيئندس (خير! اهڙو خيال اچڻ ۾ به ڪا برائي نه آھي، پر حضرت عمر بن عبد العزيز رحمۃُ اللہِ علیہ جي سوچ ڏسو!) پاڻ فوراً فرمايائون:
ہٰذَا قَدْ فُرِغَ مِنْہٗ اُدْعُ بِالصَّلَاحِ
ترجمو: يعني (عمر ڪيتري ٿيندي) اھو ته طئي ٿي چڪو آھي، منھنجي لاءِ نيڪ عملن جي دعا ڪريو![1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami