Share this link via
Personality Websites!
معاملو ڪندا آھن، آئون برداشت ڪندو آھيان۔ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: توھان جيستائين ايئن ڪندا رھندؤ، اللہ پاڪ جي طرف کان ھڪ مددگار توھان جي لاءِ مقرر رھندو۔ ([1])
يعني جيسيتائين اوهان رشتيدارن جون برايون برداشت ڪندا رھندؤ، انهن سان ڀلائي ڪندا رھندؤ، توھان جي غيب مان مدد ٿيندي رھندي۔ اللہ پاڪ اسان کي ماءُ. پيءُ ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين رشتيدارن جا حق ادا ڪندو رھڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
(4) حُسنِ اخلاق ۽ پاڙيسرين سان ڀلائي
مسلمانن جي پياري امي جان سيدہ عائشه صديقه طيبه طاھرہ رَضِیَ اللہُ عنہا کان روايت آھي، نبين جي نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: سهڻو اخلاق ۽ پاڙيسري سان ڀلائي (هي به) اهي نيڪيون آهن، جيڪي شهرن کي آباد ڪنديون آهن ۽ عمرن ۾ واڌارو ڪنديون آهن.[2]
ھن روايت ۾ وڌيڪ 2 نيڪيون ارشاد ٿيون آهن: پاڙيسرين سان ڀلائي ڪرڻ ۽ حُسن اخلاق سان پيش اچڻ۔ تنھنڪري اسان کي گھرجي ته حُسنِ اخلاق به اختيار ڪريون ۽ پاڙيسرين سان نيڪ سلوڪ به ڪريون۔
حضرت عبد اللہ بن مسعود رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: ھڪ شخص بارگاہهِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يا رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! مون کي ڪيئن خبر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami