Share this link via
Personality Websites!
جڏھن پنھنجو ڪو رشتيدار ڪا حاجت پيش ڪري ته سندس حاجت پوري ڪري ، ان کي رد ڪري ڇڏڻ يعني انڪار ڪرڻ قطعِ رَحم (يعني رشتو ٽوڙڻ) آھي۔([1]) مثال طور رشتيدار کي پيسن جي ضرورت آھي، ھُو قرض گھري رهيو آهي، جيڪڏھن رقم ڏئي سگھو ٿا ته کيس ڏئي ڇڏيو! طاقت ھجڻ جي باوجود انڪار ڪرڻ قطعِ رَحمي آھي جيڪو وبال آھي۔
رشتيداريءَ جو ھڪ حق هي به آھي ته رشتيدار تعلق ٽوڙي تڏهن به اسان تعلق جوڙيندا ئي رھون۔ حديث پاڪ ۾ آھي:
لَيْسَ الْوَاصِلُ بِالْمُكَافِئِ، وَلَكِنَّ الْوَاصِلَ الَّذِي اِذَا قُطِعَتْ رَحِمُهُ وَصَلَهَا
يعني صِلهءِ رَحمي ڪرڻ وارو اُھو نه آھي جيڪو ادلو بدلو ڪري (مثال طور رشتيدار سلام ڪري ته ھي به ساڻس سلام ڪري، جيڪڏهن هُو نه ڪري ته ھِي به نه ڪري، ھُو سٺو سلوڪ ڪري ته ھِي به سٺو سلوڪ ڪري، برائي ڪري ته ھِي به برائي ڪري، فرمايو ويو: اِھا صِلهءِ رَحمي نه آھي) پر صِلهءِ رَحمي ڪرڻ وارو اُھو آھي جنهن سان جيڪڏهن رشتيدار تعلق ٽوڙي، پر ھِي پوءِ به جوڙيندو رھي۔([2])
ھڪ ڀيرو ھڪ صحابي بارگاہهِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: يا رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! منھنجا ڪجھ رشتيدار آھن، آئون انهن سان رشتو جوڙيندو آھيان، پر اُھي ٽوڙي ڇڏيندا آھن، مان ساڻن نيڪ سلوڪ ڪندو آھيان، پر اُھي برائيءَ سان پيش ايندا آھن، اُھي مون سان جھالت وارو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami