Share this link via
Personality Websites!
مان کائيندو آھيان، ان ۾ دنيا جي سمورين نعمتن جي لذت هوندي آھي، جنهن سان منھنجي بُکَ ۽ اُڃَ مِٽجي ويندي آهي. ان کان علاوہ الحمد للہ! گرمي، سردي، ننڊ، سستي، غنودگي، گھٻراھٽ ۽ خوف وغيره اِھي سڀ شيون مون کان پَري رھنديون آھن. ان کان پوءِ نوجوان جي خواھش تي حضرت آصف بن برخيا رحمۃُ اللہِ علیہ اهو سامونڊي گنبذ کڻي ٻيهر سمنڊ جي تَهه ۾ پھچائي ڇڏيو. پوءِ حضرت سليمان علیہ السلام فرمايو: اي انسانو! اللہ پاڪ اوھان سڀني تي رحم فرمائي، اوھان ڏٺو ته والدين جي دعا ڪيتري قدر مقبول آھي! تنهنڪري ماءُ پيءُ جي نافرماني کان بچو.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڏسو! اُن نوجوان کي ماءُ پيءُ جي خدمت جو ڪيڏو نه پيارو صِلو مليو...!! تنھنڪري پنهنجي والدين جي خوب خدمت ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! حديث پاڪ جو واعدو پورو ٿيندو، اللہ پاڪ چاھيو ته ڊگھي ۽ نيڪين واري زندگي نصيب ٿيندي.
وڌيڪ حديث پاڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صِلهءِ رحمي ڪرڻ سان به عمر وڌندي آھي. ھڪ روايت ۾ آھي، رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ھڪ شخص ھو، جنهن جي زندگي صرف 3 سال باقي بچي ھئي، پوءِ ان صِلهءِ رحمي ڪئي ته اللہ پاڪ سندس عمر ۾ 30 سالن جو واڌارو فرمائي ڇڏيو.[2]
معلوم ٿيو ته صِلهءِ رحمي جي برڪت سان به عمر ۾ برڪت ٿيندي آھي.
پيارا اسلامي ڀائرو! صِله جي معنيٰ آھي: نيڪي ۽ ڀلائي ڪرڻ۔ اُھي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami