Share this link via
Personality Websites!
سمنڊ جي تَهه تائين نه پھچي سگھيس ۽ نه ئي مون کي ڪا شيءِ نظر آئي. پاڻ علیہ السلام ان کان وڌيڪ طاقتور جِنَ کي حڪم ڏنائون، اُهو جِنُ پھرين جِنَ جي مقابلي ۾ ٻيڻي گھرائيءَ تائين سمنڊ جي اندر ويو پر اُھو به ڪا خبر نه آڻي سگھيو. پاڻ علیہ السلام پنھنجي وزير حضرت آصف بن برخيا رحمۃُ اللہِ علیہ کي حڪم ڪيو، ان ٿوري ئي دير ۾ ھڪ عاليشان 4 دروازن وارو سفيد سامونڊي گنبذ آڻي حضرت سليمان علیہ السلام جي خدمت سراپا عظمت ۾ حاضر ڪيو! ان جو ھڪ دروازو موتين جو، ٻيو ياقوت جو، ٽيون ھيرن جو ۽ چوٿون زمرد جو ھو، چار ئي دروازا کُليل ھئڻ جي باوجود سمنڊ جي پاڻيءَ جو هڪ قطرو به ان جي اندر موجود نه ھو. ھِن سامونڊي گنبذ جي اندر ھڪ حسين نوجوان صاف ۽ سٿري لباس ۾ ملبوس نماز ۾ مشغول ھو، جڏھن اُھو نماز کان فارغ ٿيو ته پاڻ علیہ السلام سلام ڪري کانئس اُن سامونڊي گنبذ جو راز پڇيو. ان نوجوان عرض ڪيو: اي اللہ پاڪ جا نبي! منھنجو پيءُ معذور ۽ والدہ نابينا ھئي، الحمد للہ! مون 70 سالن تائين والدين جي خدمت ڪئي، منھنجي ماءُ وفات کان اڳ دعا ڪئي: يااللہ پاڪ! منھنجي پُٽَ کي درازيءِ عمر بالخير عطا فرماءِ. والد محترم وفات وقت دعا فرمائي: يااللہ پاڪ! منھنجي پُٽَ کي اهڙي جاءِ تي پنهنجي عبادت ۾ لڳاءِ جو شيطان مداخلت نه ڪري سگهي. والد مرحوم جي تدفين کان پوءِ جڏھن مان سمنڊ جي ڪناري تي آيس ته مون کي هي سامونڊي گنبذ نظر آيو، مان اِن جي اندر داخل ٿي ويس. ايتري ۾ ھڪ فرشتو آيو ۽ اُن ھِن گنبذ کي سمنڊ جي تَهه ۾ لاهي ڇڏيو. حضرت سليمان علیہ السلام جي پڇڻ تي ان نوجوان ٻڌايو ته مان حضرت ابراھيم خليل اللہ (علیہ السلام) جي مقدس دور ۾ ھتي آيو آھيان. حضرت سليمان علیہ السلام ڄاڻي ورتو ته کيس 2000 سال ھِن سامونڊي گنبذ ۾ گذري چڪا آھن پر اڄ تائين جوان آھي، سندس ھڪ وارُ به اڇو نه ٿيو ھو. کاڌي جي باري ۾ هُن ٻڌايو ته روزانو ھڪ سائي رنگ جو پَکِي پنھنجي چُهنب ۾ ڪا زردي جي رنگ جهڙي (يعني پيلي) شيءِ آڻيندو آهي، جيڪا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami