Share this link via
Personality Websites!
۾ منھنجي رفاقت حاصل ڪري وٺندين. ([1])
مَحفُوظ سَدا رکھنا شہا! بے ادبوں سے اور مُجھ سے بھی سَرزَد نہ کبھی بے ادبی ہو([2])
معلوم ٿيو ته وڏن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ نجات جو باعث ۽ جنت ۾ آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو قرب حاصل ڪرڻ جو ذريعو آھي. تنھنڪري اسان کي گھرجي ته جيڪي علم، عمر، عھدي ۽ منصب ۾ اسان کان وڏا آھن، انهن جو ادب ۽ احترام بجا آڻيون ۽ اسان جي وڏڙن ۾ ماءُ پيءُ، چاچا، ماما، ماسڙ وڏيون ڀينرون، وڏا ڀائر، ٻيا رشتيدار، استاد، پير و مرشد، عُلما و مشائخ وغيره سڀ شامل آھن ۽ جيڪو عمر ۽ مقام ۽ مرتبي ۾ ننڍو ھجي، اُن سان شفقت ۽ محبت سان پيش اچون.
معاشرتي زندگي (Social Life) ۾ اسان جو پنھنجن وڏن سان واسطو پوندو ئي رھندو آھي، تنھنڪري ضروري آھي ته اسان ھر لحاظ کان سندن ادب ۽ احترام جو خيال رکون، ھڪ ڀيرو بارگاہهِ رسالت ۾ حضرت مُحَيِّصَہ رَضِیَ اللہُ عنہ جي موجودگيءَ ۾ حضرت عبدالرحمٰن بن سھل رَضِیَ اللہُ عنہ عمر ۾ ننڍو ھئڻ جي باوجود ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته حضور نبي ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کين وڏن جو ادب سيکاريندي فرمايو: وڏي کي ڳالھائڻ ڏي. ([3])
سُبْحٰنَ اللہ! اِھا ادب جي تعليم آھي ته جڏھن وڏا ڳالھائي رھيا ھجن ته ننڍن کي خاموش رھڻ گھرجي. اهڙي طرح اسان کي گھرجي ته ھر لحاظ کان وڏن جو ادب ڪريون. مثال طور: * کاڌو کائڻ وقت انهن کان پھريان کائڻ شروع
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami