Share this link via
Personality Websites!
هي پُر سڪون زندگي گذارڻ جو تمام اَهَم نسخو آهي. ماهرينِ نفسيات ٻڌائين ٿا: هر شخص کي گهرجي ته پاڻ وٽ موجود نعمتن جي لسٽ ٺاهڻ جي عادَت بڻائي. يعني ڪاغذ قلم کڻي ويهي رهو ۽ لکو ته مون کي الله پاڪ ڇا ڇا ڏنو آهي * الله پاڪ هٿ ڏنا! * ڪن ڏنا! * اک * نڪ * زبان * پير ڏنا * وار عطا فرمايا * پوءِ جسم جا اندروني عضوا آهن * رهڻ لاءِ گهر مليو * هلڻ لاءِ زمين ملي * سائبان لاءِ آسمان مليو * اسان جي لاءِ ميوا * گل * سبزيون پوکيون ويون * ڪڪر اچن ٿا * بارش وسي ٿي* سيارو گرمي نصيب ٿئي ٿي * ڪروڙين ڪروڙ نعمتون آهن * اسان ڳڻڻ ويهون ته ڳڻي نه سگهنداسين، انهن نعمتن جي لسٽ ٺاهيو * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! احساسِ ڪمتري کان جان ڇٽي ويندي، اسان جيڪي ٻين کي ڏسي ڏسي مايُوس ٿي رهيا هوندا آهيون ته فُلاڻي کي هي مِلي ويو، هو ملي ويو، مان ته ويچارو محروم رهجي ويس، پنهنجي ته قسمت ئي خراب آهي وغيره، اهڙا جيڪي شڪوا ڪندا آهن، انهن کان جان ڇٽي ويندي * حَسَد کان بچڻ جو به بهترين طريقو آهي، پاڻ وٽ موجود نعمتن کي ياد ڪريو! ٻين کي مليل نعمتن کي لالچي نظر سان ڏسڻ جي نوبت نه ايندي * اهڙي طرح پنهنجي نعمتن کي ياد ڪرڻ دِل کي فرمانبردار بڻائيندو آهي * توهان ڪڏهن مليل نعمتن جي لسٽ ٺاهيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دِل مان اَلحَمۡدُلله! نڪرندو * دِل ۾ الله پاڪ جي محبت وڌندي، تجربو ڪري ڏسو! ڪنهن ڏينهن نعمتن جي لسٽ ٺاهيو! ان ڏينهن جيڪو سجدو ڪندؤ، ان جو لطف ئي جُدا هوندو.
مطلب هي تمام اَهَم ڪم آهي جيڪو اسان کي ڪڏهن ڪڏهن ڪندو رهڻ گهرجي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دِل ۾ محبتِ اِلٰهي وڌندي ۽ دُنيا ۽ آخرت ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami