Share this link via
Personality Websites!
دَرد ٿئي ته پٽي ٻڌڻ بلڪل جائِز آهي بلڪه سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان به مٿو ٻڌڻ ثابِت آهي،[1] حضرت رابعه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْهَا تنبيهه ڪرڻ لاءِ فرمايو ته جهڙي طرح پٽي ٻڌي پنهنجي دَرد جو اِظهار ڪري رهيا آهيو، اهڙي طرح جيترا ڏينهن تندرست رهيا، ان تي شڪر به ڪرڻ گهرجي.
مطلب ته اسان کي دَرْد ياد رهندو آهي، سڪون وسري ويندو آهي، آزمائش ياد رهندي آهي، نعمت وسري ويندي آهي، اها اُبتي ڳالهه آهي، نيڪي اها آهي ته اسان نعمت کي ياد رکون ۽ آزمائش کي ڀلجي ويندا ڪريون.
اهڙي طرح پنهنجي گُنَاهه کي ياد رکڻ ۽ نيڪين کي ڀلجي وڃڻ عِبَادت آهي، هتي به اسان جو رواج ابتو آهي، ماڻهو نيڪيون ياد رکندا آهن، گُنَاهه ڀلجي ويندا آهن* هڪ ڏينهن جو پڙهيل تهجد ياد رهندو آهي، 50 ڏينهن جون قضا ڪيل نمازون ياد ناهن هونديون* ڪجهه ماڻهو وڏي فخر سان ٻڌائي رهيا هوندا آهن، هن ڀيري مون رمضان ڪريم جا 10 روزا رکيا، ڪو کين ٻڌائي ته ڀائو! توهان 19 يا 20 روزا قضا ڪري ڇڏيا!*مسجد ۾ ڏنل 10 رُپيا ياد رهندا آهن، واپار ۾ ڏندي هڻي ڪمايل هزارين رپيا ڀلجي ويندا آهن*اهڙي طرح ماڻهن جا نيڪ سلوڪ ياد رکڻ ۽ بدسلوڪي کي ڀلجي وڃڻ عبادت آهي پر اسان وٽ بدسلوڪي ياد رکي ويندي آهي، نيڪ سلوڪ وساريا ويندا آهن. يعني اسان ابتا هلندا آهيون، جنهن شيءِ کي ياد رکڻ عبادت آهي، اسان ان کي ڀلجي ويندا آهيون ۽ جنهن ڳالهه کي ڀلجي وڃڻ عبادت آهي، اسان ان کي ياد رکندا آهيون. الله پاڪ اسان کي نيڪ هدايت ڏي. نعمتون ياد رکڻ جي عادت بڻايو!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami