Share this link via
Personality Websites!
هن مان معلوم ٿيو نعمتن کي ياد ڪرڻ دِل ۾ فرمانبرداري وڌائيندو آهي، ان ڪري بني اسرائيل کي چيو ويو ته جيڪي نعمتون توهان تي ٿيون، انهن کي ياد ڪريو! ۽ ان جي ذريعي سان الله پاڪ جا فرمانبردار بڻجي وڃو...!!
مشهور مُفَسِّرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن هنڌ فرمايو:*رَبّ جي نعمت*پنهنجا گُنَاهه ۽* ٻين جا سٺا سلوڪ ياد رکڻ، ياد ڪرڻ عِبَادت آهي، اهڙي طرح * رَبّ جا امتحان*پنهنجون نيڪيون ۽ * ٻين جو برو سلوڪ ويساري ڇڏڻ عِبَادت آهي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيتري پياري ڳالهه آهي پر افسوس! اسان وٽ ان جو ابتو رواج آهي، رَبّ جي نعمت کي ياد رکڻ ۽ امتحانن کي ڀلجي وڃڻ عبادت آهي*اسان ماڻهو امتحانن کي، آزمائشن کي ياد رکندا آهيون، نعمتن کي ويساري ڇڏيندا آهيون*ٻانهو بيمار ٿي پوي ته اها بيماري ڏاڍي ياد رهندي آهي، تندرستي ياد ناهي رهندي* هڪ وقت ماني نه ملي ته اهو وقت ڏاڍو ياد رهندو آهي جڏهن ته زندگي جا سوين ڏينهن ماني ملندي رهي، اها ياد ناهي رهندي.
هڪ ڀيري ڪنهن مٿي تي پٽي ٻڌي رکي هئي، حضرت رابعه بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْهَا ڏسي ڪري پڇيو: ڇا ٿيو آهي؟ پٽي ڇو ٻڌي آهي؟ ان چيو: مٿي ۾ سخت دَرد آهي، ان ڪري ٻڌي آهي. فرمايو: ايترو عرصو تندرست رهيا، ان جي ته پٽي نه ٻڌي، هڪ ڏينهن دَرد ٿيو ته پٽي ٻڌي ورتي.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami