Share this link via
Personality Websites!
جيڪي سڄي انسانيت کان هٽي خاص طَور تي توهان تي ٿيا، انهن سڀني انعامن کي ياد ڪريو![1]
هي ياد ڪري پوءِ ڇا ڪرڻو آهي؟ فرمايو:
وَ اَوْفُوْا بِعَهْدِیْۤ اُوْفِ بِعَهْدِكُمْۚ- (سيپارو: 1، البقرة: 40)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ منهنجو عهد پورو ڪيو مان توهان جو عهد پورو ڪندُس.
يعني اهو واعدو جيڪو توهان کان ورتو ويو، اهو توهان پُورو ڪريو، ان جي بدلي ۾ اهو واعدو جيڪو اسان توهان سان ڪيو، اسان اهو پُورو ڪري ڇڏينداسين. هن عهد (واعدي) مان ڪهڙو عهد مراد آهي؟ ان باري ۾ مُفسرينِ ڪرام جا مختلف قول آهن: (1): ڪن فرمايو ته بني اسرائيل کان واعدو ورتو ويو ته جڏهن مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي اچن ته توهان انهن جو ڪلمو پڙهجو، تنهنڪري فرمايو ويو ته توهان اسان جي محبوب جو ڪلمو پڙهي وٺو! اسان توهان کي دُنيا ۽ آخرت ۾ بلند شان عطا ڪري ڇڏينداسين[2] (2): ڪجهه روايتن ۾ آهي: ان جي معنيٰ آهي ته توهان الله پاڪ جي فرمانبرداري ڪريو! الله پاڪ توهان کي جنت عطا فرمائيندو.[3]
وَ اِیَّایَ فَارْهَبُوْنِ(۴۰) (سيپارو: 1، البقرة: 40)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ صرف مون کان ڊڄو.
۽ توهان کي جيڪو پنهنجي آمدني بند ٿيڻ جو ڊَپ آهي، ان کي دل مان ڪڍي ڇڏيو. صرف اسان کان خوف ڪريو جيڪڏهن توهان ايمان آندو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami