Share this link via
Personality Websites!
یٰبَنِیْۤ اِسْرَآءِیْلَ اذْكُرُوْا نِعْمَتِیَ الَّتِیْۤ اَنْعَمْتُ عَلَیْكُمْ وَ اَوْفُوْا بِعَهْدِیْۤ اُوْفِ بِعَهْدِكُمْۚ-وَ اِیَّایَ فَارْهَبُوْنِ(۴۰)
(سيپارو: 1، البقرة: 40)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اي يعقوب جي اولاد! ياد ڪريو منهنجو اهو احسان جيڪو مون توهان تي ڪيو ۽ منهنجو عهد پورو ڪيو مان توهان جو عهد پورو ڪندُس ۽ صرف مون کان ڊڄو.
ان ۾ اسان جي لاءِ 3 سبق آهن: (1): جڏهن به ڪنهن کي سمجهائڻو هجي، نيڪي جي دعوت ڏيڻي هجي ته ان جي لاءِ سٺا سٺا، پيارا پيارا ترغيب وارا، نيڪي تي اڀاريندڙ لفظن جي چونڊ ڪريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سمجهائڻ فائدو ڏيندو. جيڪڏهن سخت لهجو، بي رکا لفظ، ڇڙٻ ڏيڻ وارو رَوَيو اپنائيندا ته سامهون وارو سڌري يا نه سڌري، البت ضِدي ٿي وڃڻ جا امڪان وڌي ويندا (2): ٻيو سبق هي مِليو ته اسان کي الله پاڪ جي ڏنل نعمتن کي ياد ڪندو رهڻ گهرجي بلڪه ٿي سگهي ته وقتًا فوقتًا نعمتن جي لِسٽ ٺاهيندا رهو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!* گهڻن نفسياتي مَسئلن کان نجات ملندي * زندگي جون ڪيتريون ئي اُلجهنون دُور ٿي وينديون* دِل کي سڪون ملندو ۽*الله پاڪ چاهيو ته محبّتِ اِلٰهي نصيب ٿيندي (3): ٽيون سبق هي مليو ته الله پاڪ جو واعدو نڀايو! يعني نيڪ ڪم ڪريو! الله ۽ رسول جي فرمانبرداري اپنايو! الله پاڪ اسان جي حال تي ڪرم فرمائيندو. آخرت کي دُنيا تي ترجيح ڏيو! نيڪ ڪمن ۾ لڳي وڃو، دُنيا به اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سڌري ويندي ۽ آخرت به بهتر ٿي ويندي. الله پاڪ اسان کي اهي ٽيئي ڪم ڪرڻ، قرآن ۽ سُنّت تي واقعي صحيح معنيٰ ۾ عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami