Share this link via
Personality Websites!
اچي ويو. هاڻي مان اندر ويس ته ڏٺم: منهنجو اٽو پيٺل آهي. وري حيراني ٿي، گهر وارن کان پڇيم: هي اٽو ڪنهن پيهي ڏنو؟ چيائون: پاڙيسري پنهنجو اَنُ پيهڻ چاهيو پئي پر غلطي سان اُن اسان جو اَنُ پيهي ڇڏيو، جڏهن ان کي معلوم ٿيو ته اسان جو اٽو، اسان کي ڏئي ويو، پنهنجو اَنُ وري پيهي ورتائين. هي ماجرو ڏسي منهنجي دِل چوٽ کاڌي ته ڪٿي ته اها صُورت هئي جو مون کي 2 نقصان هر صُورت کڻڻا پئجي رهيا هئا، ڪٿي هي عالَم آهي جو منهنجا سڀ ڪم پاڻ ئي ٿي ويا آهن. بس ان ڏينهن کان مون توبهه ڪري ورتي ۽ نيڪ ڪمن کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪري ڏني.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي...!!
کیوں کر نہ میرے کام بنیں غیب سے حسنؔ بندہ بھی ہوں تو کیسے بڑے کارساز کا([2])
وضاحت: اي حسن! منهنجا ڪم غيب مان ڇو نه بڻجندا؟ ڇو منهنجون مشڪلاتون حل نه ٿينديون؟ ڏسو ته مان ٻانهو ڪهڙي وڏي ڪارساز يعني الله رَبُّ العالمين جو آهيان...!!
اي عاشقانِ رسول! هي حقيقت آهي، اسان آخرت کي دُنيا تي ترجيح ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جا اهي ڪم جيڪي سالن کان اٽڪيل آهن، سوين خواهشون آهن، پوريون ٿين ئي نه ٿيون، ڪيئي خواب اسان سجائي ويٺا آهيون، هي به ڪرڻو آهي، هو به ڪرڻو آهي، اسان آخرت جا طلبگار بڻجي وڃون، الله پاڪ چاهيو ته دُنيا به سنورجي ويندي، بند دروازا به کلي ويندا، اڌورا خواب به پورا ٿي ويندا ۽ آخرت به سنورجي ويندي.
ڪلام جو خُلاصو هي ته الله پاڪ بني اسرائيل کي فرمايو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami