Share this link via
Personality Websites!
هڪ بزرگ هئا، انهن کان ڪنهن پڇيو: سائين! توهان جو تَوبهه ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي عبادت جي طرف اچڻ جو ذِهن ڪيئن ٺهيو؟ انهن پنهنجو واقعو ٻڌايو، فرمايائون: مان چڪي هلائيندو هئس (يعني چڪي ذريعي اٽو پيهندو هئس). رهائش ڳوٺ ۾ هئي، جمعو پڙهڻ جي لاءِ پري شهر جي جامع مسجد ۾ وڃڻو پوندو هو، هڪ ڀيري خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات هئي، مون سان عجيب معاملو ٿيو*منهنجي هڪ ٻني هئي ان کي پاڻي ڏيڻو هو*چڪي تي اناج به رکيل هو، اهو پيهڻو هو*منهنجو هڪ گڏهه ڌاريل هو، ان اوچتو رسي ڇڏائي ۽ ڀڄي ويو. هاڻي وڏي پريشاني ٿي: مان اڪيلو ماڻهو*ٻنيءَ کي پاڻي ڏيان ته نه گڏهه ملندو، نه اٽو پيسجندو*اٽو پيهان ته نه گڏهه ملندو، نه ٻنيءَ کي پاڻي ملندو*گڏهه ڳوليان ته نه ٻنيءَ کي پاڻي ملندو، نه اٽو پيسجندو، مطلب ته مونکي 2 نقصان هر صُورت کڻڻا پئجي رهيا هئا. ڏاڍي پريشاني هئي، سوچي سوچي دِماغ چڪرائي رهيو هو، آخر مون دِل ۾ چيو: ڇڏيو سڀ ڪجهه! هلو! جمعو پڙهڻ هلون ٿا. تنهنڪري مون جمعي جي تياري ڪئي ۽ شهر جي طرف روانو ٿي ويس. جامع مسجد ۾ وڃي مزي سان جمعي جي نماز ادا ڪئي، پوءِ ڳوٺ جي طرف واپس اچي رهيو هئس، جڏهن پنهنجي ٻنيءَ جي ڀرسان گذريس ته ڏٺم ته منهنجي ٻنيءَ کي پاڻي ڏنل آهي، ڏاڍي حيراني ٿي، ڪنهن کان پڇيُم: منهنجي ٻنيءَ کي پاڻي ڪنهن ڏنو آهي؟ چوڻ واري چيو: تنهنجو پاڙيسري پنهنجي ٻنيءَ کي پاڻي ڏئي رهيو هو، رات هئي، ننڊ اچي رهي هئي، تنهنڪري ان غلطي سان تنهنجي ٻنيءَ کي پاڻي ڏئي ڇڏيو، پوءِ جڏهن احساس ٿيو ته ٻيهر پنهنجي ٻنيءَ کي ڏنائين. چون ٿا: مون الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو ۽ گهر جي طرف هلي پيس، جيئن ئي دروازو کوليم ته ڏٺم، منهنجو گڏهه گهر ۾ ٻڌل آهي، مون حيراني سان پڇيو: هن کي ڪير پڪڙي آيو؟ گهر وارن ٻڌايو: هي جهنگ جي طرف نڪري ويو هو، سامهون ان کي شينهن نظر اچي ويو، هي اَنُ کان ڊڄي ڀڳو ۽ پاڻ ئي گهر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami