Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ڄاڻون ٿا ته نيڪي ۾ سڪون آهي، اطمينان آهي، برڪت آهي، رحمت آهي، رَبّ جي رضا آهي، ان جي باوُجود اسان نيڪي جي طرف وڌي نه ٿا سگهون، ان جو سبب ڄاڻو ٿا ڇا آهي؟ اسان جي نظر ۾ دُنيا جي اهميت وڌيڪ آهي. يعني اسان ماڻهو دُنيا کي پهرين ۽ آخرت کي بعد ۾ رکندا آهيون، مثال طور ڪم تي لازمي وڃڻو آهي، ٽائِيم مليو ته نماز به پڙهي وٺنداسين، نه ته (مَعَاذَ اللہ!) قضا ڪري وجهنداسين. يعني ماڻهو آخرت جي مُعَاملن ۾ سمجهوتو ڪري وٺندا آهن، دُنيا جي مُعَاملي ۾ ناهن ڪندا. دُنيا جي ڳالهه هجي ته اسان اڄ ۽ هينئر تيار آهيون، آخرت جي ڳالهه هجي، نيڪي جي ڳالهه هجي، نماز، روزي جي ڳالهه هجي ته... رمضان کان شروع ڪري وٺنداسين، سڀاڻي کان نمازون شروع ڪندس، هي جيڪو اسان جو رَوَيو آهي، هي غلط آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
بَلْ تُؤْثِرُوْنَ الْحَیٰوةَ الدُّنْیَا٘ۖ(۱۶) وَ الْاٰخِرَةُ خَیْرٌ وَّ اَبْقٰىؕ(۱۷) (سيپارو: 30، الاعليٰ: 16_17)
ترجموڪنزُالعرفان: بلڪه توهان دنيا جي زندگي کي ترجيح ڏيو ٿا ۽ آخرت بهتر ۽ باقي رهڻ واري آهي.
ان جو اُبتو ڪرڻ سکو! آخرت کي پهرين ۽ دُنيا کي بعد ۾ رکڻ شروع ڪريو! ڏسجو: زندگي سڌري ويندي. حديث پاڪ جو خلاصو آهي: الله پاڪ آخرت جي طلبگار کي دُنيا ته عطا فرمائي ڇڏيندو آهي پر دُنيا جي طلبگار کي آخرت عطا ناهي فرمائيندو.[1] ان ڪري اسان کي گهرجي ته آخرت جا طلبگار بڻجي وڃون، دُنيا قسمت ۾ هوندي ته پاڻ ئي ملي ويندي.
[1]...الزہد لابن المبارک، الجزء الرابع، باب ھوان الدنیا علی اللّٰہ عزوجل، صفحہ:186، حدیث:549 خلاصۃً۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami