• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • واعدو نڀايو arrow icon
    • page 11
    book-logo
    book_icon
    واعدو نڀايو
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    منهنجي ذِميداري نماز پڙهائڻ آهي

       چون ٿا: هڪ نيڪ شخص جيڪو تمام غريب هو، نمازِ عشاء کان فارِغ ٿي گهر آيو ته ڏٺائين ته ٻار سُتل آهن. ان زال کان پڇيو: ڇا ٻارن عشاء جي نَماز پڙهي ورتي...؟ زال (Wife) چيو: نه. گهر ۾ ماني هئي ڪانه، ٻار بک کان رُئي رهيا هئا، تنهنڪري مون انهن کي ائين ئي پرچائي سمهاري ڇڏيو. ان نيڪ شخص چيو: انهن کي جاڳايو! ۽ نَمازِ عشاء پڙهايو! زال منٿون ڪندي نرم لهجي ۾ چيو: ٻار بکيا آهن، گهر ۾ ڪجهه کائڻ لاءِ ناهي، جاڳي پيا ته پوءِ ماني گهرندا، بک کان روئيندا. تنهنڪري انهن کي سمهڻ ڏيو! مڙس جذبهءِ ايماني سان چيو: منهنجو ڪم انهن کي ماني ڏيڻ ناهي، نَماز پڙهائڻ آهي. مان پنهنجو ڪم ڪندُس. رِزق جو ذِمو الله پاڪ کنيو آهي. هي چئي ان نيڪ شخص ٻارن کي جاڳايو ۽ انهن کي مصلّي تي بيهاري ڇڏيو. اڃا ٻار نَماز ئي پڙهي رهيا هئا ته دروازي تي کڙڪو ٿيو، ٻاهَر هڪ شخص وڏي ٿالهه (Tray) ۾ ڪيترن ئي قسمن جا کاڌا کڻي بيٺو هو. ان اهو ٿالهه ان نيڪ شخص کي ڏنو ۽ هليو ويو.

       سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي تَوَڪُّل جي بَرَڪَت...!! رِزق جو ذِمو الله پاڪ کنيو آهي، هو اسان کي بکيو نه رهڻ ڏيندو. اسان مُناسب طَور تي حلال رِزق ڪمايون، باقِي معاملو الله پاڪ جي حوالي ڪري ڇڏيون. اَصل ۾ جيڪا اسان کي فِڪر ڪرڻي آهي اها نيڪ ڪمن جي فِڪر آهي، جنّت ۾ وڃڻ ۽ جهنّم کان بچڻ جي فِڪر آهي. هي اسان جي ذِمي آهي، اسان کي ان تي وڌيڪ تَوَجھ ڏيڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

     اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

    صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


     

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • درودِ پاڪ جي فضيلت
    • بني اسرائيل جو تعارف
    • آيتِ ڪريمه جي مُختصَر وضاحت
    • آيت مان ملندڙ سبق
    • (1):سمجهائڻ جو پيارو انداز
    • (2):نعمتون ياد ڪريو!
    • نعمت کي ياد ڪرڻ عِبَادت آهي
    • تندرستي جي پٽي
    • پُرسڪون زندگي گذارڻ جو نسخو
    • (3): واعدو نڀايو!
    • منهنجي ذِميداري نماز پڙهائڻ آهي
    • پهرين دُنيا يا پهرين دِين...؟
    • تَوبهه جو ذِهن ڪيئن ٺهيو...؟
    • بيان جو خلاصو
    • بهارِ شريعت موبائيل ايپلي ڪيشن
    • درست ڇا آهي؟
    • اَسْمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami