Share this link via
Personality Websites!
منهنجي ذِميداري نماز پڙهائڻ آهي
چون ٿا: هڪ نيڪ شخص جيڪو تمام غريب هو، نمازِ عشاء کان فارِغ ٿي گهر آيو ته ڏٺائين ته ٻار سُتل آهن. ان زال کان پڇيو: ڇا ٻارن عشاء جي نَماز پڙهي ورتي...؟ زال (Wife) چيو: نه. گهر ۾ ماني هئي ڪانه، ٻار بک کان رُئي رهيا هئا، تنهنڪري مون انهن کي ائين ئي پرچائي سمهاري ڇڏيو. ان نيڪ شخص چيو: انهن کي جاڳايو! ۽ نَمازِ عشاء پڙهايو! زال منٿون ڪندي نرم لهجي ۾ چيو: ٻار بکيا آهن، گهر ۾ ڪجهه کائڻ لاءِ ناهي، جاڳي پيا ته پوءِ ماني گهرندا، بک کان روئيندا. تنهنڪري انهن کي سمهڻ ڏيو! مڙس جذبهءِ ايماني سان چيو: منهنجو ڪم انهن کي ماني ڏيڻ ناهي، نَماز پڙهائڻ آهي. مان پنهنجو ڪم ڪندُس. رِزق جو ذِمو الله پاڪ کنيو آهي. هي چئي ان نيڪ شخص ٻارن کي جاڳايو ۽ انهن کي مصلّي تي بيهاري ڇڏيو. اڃا ٻار نَماز ئي پڙهي رهيا هئا ته دروازي تي کڙڪو ٿيو، ٻاهَر هڪ شخص وڏي ٿالهه (Tray) ۾ ڪيترن ئي قسمن جا کاڌا کڻي بيٺو هو. ان اهو ٿالهه ان نيڪ شخص کي ڏنو ۽ هليو ويو.
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي تَوَڪُّل جي بَرَڪَت...!! رِزق جو ذِمو الله پاڪ کنيو آهي، هو اسان کي بکيو نه رهڻ ڏيندو. اسان مُناسب طَور تي حلال رِزق ڪمايون، باقِي معاملو الله پاڪ جي حوالي ڪري ڇڏيون. اَصل ۾ جيڪا اسان کي فِڪر ڪرڻي آهي اها نيڪ ڪمن جي فِڪر آهي، جنّت ۾ وڃڻ ۽ جهنّم کان بچڻ جي فِڪر آهي. هي اسان جي ذِمي آهي، اسان کي ان تي وڌيڪ تَوَجھ ڏيڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami