Share this link via
Personality Websites!
ڪاميابي نصيب ٿيندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
(3): واعدو نڀايو!
پيارا اسلامي ڀائرو! سيپاري: 1، سوره بقره، آيت: 40 مان ٽيون ۽ اَهَم تَرين سبق جيڪو اسان کي سکڻ لاءِ مِليو، اهو هي ته الله پاڪ بني اسرائيل کي فرمايو:
وَ اَوْفُوْا بِعَهْدِیْۤ اُوْفِ بِعَهْدِكُمْۚ-(سيپارو: 1، البقرة: 40)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ منهنجو عهد پورو ڪيو مان توهان جو عهد پورو ڪندُس.
يعني اي بني اسرائيل! توهان منهنجي فرمانبرداري ڪريو! مان توهان کان راضي ٿي ويندس ۽ توهان کي جنت ۾ داخل ڪندس.[1]
مثال طور*اسان کي نماز جو حڪم ڏنو ويو*روزا فرض فرمايا ويا *حج، زڪوات جو حڪم ڏنو ويو*عِبَادت ۽ رياضت جو حڪم ڏنو ويو *سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سنتون اپنائڻ جو درس ڏنو ويو * ماءُ پيءُ جي خِدمت، پاڙيسرين سان نيڪ سلوڪ * مائٽن سان چڱائي وغيره سوين نيڪين جو حڪم ڏنو ويو، اهي سڀ الله پاڪ جا عهد آهن، اهي نڀايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دُنيا ۾ رزق، برڪت، سڪون، اطمينان، ڪاميابي، عروج ۽ آخرت ۾ جنّت ۾ داخلا نصيب ٿيندي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami