Share this link via
Personality Websites!
نيڪ عمل نمبر 46: ڇا اڄ توهان پنجن ئي نمازن کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ڀيرو آيت الڪرسي، سورة الاخلاص ۽ تسبيح فاطمه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا پڙهي؟
الله پاڪ فرمايو:
وَ اذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًاۖۚ(۲۵)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ صبح ۽ شام پنهنجي ربّ جو نالو ياد ڪيو. (پارہ:29،الدھر :25)
يعني ڏينهن رات هر وقت، هر حال ۾ الله پاڪ جو ذڪر ڪريو![1] اسان کي گهرجي ته هن آيتِ ڪريمه تي عمل جي نيت سان هر جائز ڪم شروع ڪرڻ کان پهريان بِسْمِ الله پڙهي وٺون. ائين ڪرڻ سان ڪم ۾ برڪت به ايندي ۽ الله پاڪ جو ذڪر به ٿي ويندو.
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
جيڪو به اهم ڪم بِسْمِ الله سان شروع ناهي ڪيو ويندو، اهو اڌورو رهجي ويندو آهي (يعني ان ۾ برڪت نٿي رهي) [2]
(1) هر جائز ڪم شروع ڪرڻ کان پهريان بسم الله پڙهڻ سنت آهي. (2) حرام ڪمن کي جائز سمجهندي انهن کان اڳ بسم الله پڙهڻ ڪفر آهي. (3) حُقو، سگريٽ، ڪچو بصر ۽ ٿوم وغيره جهڙيون بدبودار شيون کائڻ (يا استعمال ڪرڻ) وقت بسم الله پڙهڻ مڪروهه آهي.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami