Share this link via
Personality Websites!
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3): فڪرِ مدينه: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ عمل جائز ڪمن کان پهريان بسم الله پڙهڻ جي باري ۾ مفيد معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ تيل لڳائڻ وقت پڙهڻ جي دعا ياد ڪرائي ويندي. آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو پڻ ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
هر جائز ڪم کان پهريان بسم الله پڙهڻ
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: مون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهو بيشڪ توهان جو مون تي درود پاڪ پڙهڻ توهان جي گناهن جي لاءِ بخشش آهي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي فضل سان اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه روحاني ترقيءَ لاءِ اسلامي ڀينرن، اسلامي ڀائرن ۽ شاگردن وغيره لاءِ سوالن جي صورت ۾ ”نيڪ اعمال“ جا مختلف رسالا ترتيب ڏنا آهن. اڄ اسان ”72 نيڪ اعمال“ جي رسالي مان نيڪ عمل نمبر 46 جي باري ۾ سکنداسين.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami