Share this link via
Personality Websites!
تلاوت ڪئي:
وَ اصْبِرْ نَفْسَكَ مَعَ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَدٰوةِ وَ الْعَشِی (پارو: 15، سورة کہف: 28)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ پنھنجي جان کي انھن ماڻھن سان مانوس رک جيڪي صبح ۽ شام پنھنجي رب کي سڏيندا آھن.
پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جنهن موقعي تي ھيءَ آيتِ ڪريمه تلاوت فرمائي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ديني اجتماع سجائڻ وارا به ھن آيت جي تحت شامل آھن ۽ فرمايو پيو وڃي ته جيڪي گڏجي ويھندا آھن ۽ اللہ پاڪ جي ذڪر ۾ مصروف ھوندا آھن، پاڻ کي انهن سان مانوس ڪري ڇڏيو...!!
مانوس ٿيڻ جو مطلب ھوندو آھي: دل لڳي وڃڻ، عادت پئجي وڃڻ، جيئن اسان وٽ ماحول بڻجي ويو آھي، اللہ ڪري اِهو ماحول بدلجي وڃي، ماڻھو موبائل سان مانوس ٿي ويا آھن، ھڪ ڀيرو کڻن ته رکڻ تي دل ئي نه ڪندي آھي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري ويندا آھن، پر احساس ئي نه ٿيندو آھي۔ اِن کي مانوس ٿيڻ چئبو آھي۔
معلوم ٿيو، جيڪي نيڪ اجتماع سجائڻ وارا آھن، ذڪر اَذڪار جون محفلون سينگارڻ وارا آھن، اُن نيڪ ڪم ۾ گناھن ڀريون ڳالھيون شامل نه ڪندا آھن، خالص اللہ پاڪ جي عبادت ۽ ذڪر اَذڪار ڪندا آھن، علمِ دين سکندا ۽ سيکاريندا آھن، انهن سان دل کي ائين مانوس ڪري ڇڏجي جو انهن جي عادت پئجي وڃي، دل کانئن ڪڏھن جدا ئي نه ٿئي ...!! جڏهن اجتماع ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami