Share this link via
Personality Websites!
ذڪر ڪندا آھن ته فرشتا به انهن سان گڏجي ذڪر ڪندا آھن ۽ قربان وڃجي! جڏھن اجتماع ۾ اچڻ وارا دعا لاءِ ھٿ کڻندا آھن، روئي روئي پنھنجن گناھن جي معافي گھرندا آھن، اللہ پاڪ جي رحمت ۾ اميد سمجهي، بخشش جا طلبگار ٿيندا آھن ته فرشتا سندن دعا تي آمين چوندا آھن۔
توهان پاڻ اندازو لڳايو! جنھن دعا تي فرشتا آمين چئي رھيا ھجن، اُن دعا جو ڪھڙو شان ھوندو۔ ھن ئي حديث پاڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، جڏھن اھڙي دعا ڪئي ويندي آهي، اجتماع ۾ بخشش گھري ويندي آهي ته ان تي فرشتا آمين چوندا آھن ۽ اللہ پاڪ فرمائيندو آهي: اي فرشتو! شاهد ٿي وڃو! مون انهن کي بخشي ڇڏيو آھي.
آج کے اس سنّتوں کے اجتماعِ پاک میں
جو بھی آیا بخش دے اس کو مرے پروردگار
پيارا اسلامي ڀائرو! سيرتِ مصطفيٰ ۽ سيرتِ صحابه جو هي جيڪو واقعو اسان ٻڌو، ان مان اسان کي گهڻو ڪجھ سکڻ لاءِ ملي ٿو، جن مان 3 ڳالھيون عرض ڪيان ٿو:
(1) اجتماع ڪرڻ وارن سان محبت ڪريو!
ھن واقعي مان اسان کي معلوم ٿيو ته جيڪي ماڻھو ديني اجتماع سجائيندا آھن، وقتاً فوقتاً اللہ پاڪ جي ذڪر ڪرڻ لاءِ، علمِ دين سِکڻ سيکارڻ لاءِ، نيڪيون ڪرڻ لاءِ گڏجي ويھندا آھن، اھڙن ماڻھن سان دل لڳائڻ، انهن سان محبت ڪرڻ، انهن سان پاڻ کي مانوس رکڻ به ثواب جو ڪم آھي۔ ڏسو! پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ديني اجتماع سجائڻ وارن بابت ھيءَ آيتِ ڪريمه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami