Share this link via
Personality Websites!
به سُبْحٰنَ اللہ چوندا آھن، جيڪڏھن توھان اَلْحَمْدُ لِلہِ چوندا آهيو ته فرشتا به اَلْحَمْدُ لِلہِ چوندا آھن ۽ جيڪڏھن توھان اَللہُ اَکْبَرُ چوندا آهيو ته فرشتا به اَللہُ اَکْبَرُ چوندا آھن۔ جڏھن اُهي بخشش جون دعائون گھرندا آھن ته فرشتا انهن تي آمين چوندا آھن، اجتماع جي اختتام کان پوءِ اُھي فرشتا پنھنجي رب جي بارگاہه ۾ حاضر ٿيندا آھن توڙي جو اللہ پاڪ انهن کان وڌيڪ ڄاڻڻ وارو آھي، پر پوءِ به (اجتماع سجائڻ وارن جي شان جو اظھار ڪرڻ لاءِ) اللہ پاڪ فرمائيندو آهي: اي فرشتو! ڪٿان کان اچي رهيا آھيو؟ فرشتا عرض ڪندا آھن: اي مالڪ ڪريم! زمين تي تنھنجا ٻانها تنھنجي عبادت ڪري رھيا ھئا، اسان به ساڻن گڏجي عبادت ڪئي، اُهي تنھنجو ذڪر ڪري رھيا ھئا، اسان به ساڻن گڏجي تنھنجو ذڪر ڪيو، انهن تنھنجي حمد ڪئي، تنھنجي پاڪائي بيان ڪئي، تنھنجي ڪبريائي بيان ڪئي، اي مالڪ! توکان بخشش جون دعائون گھري رھيا ھئا۔ ان تي اللہ پاڪ فرمائيندو آهي: اي فرشتو! شاهد ٿي وڃو ته ...!! مان انهن کي بخشي ڇڏيو. فرشتا عرض ڪندا آھن: مولا...!! انهن ۾ فلاڻو شخص وڏو بدڪار آھي۔ اللہ پاڪ فرمائيندو آهي: ھُمُ الْقَوْمُ لَا یَشْقٰی بِہِمْ جَلِیْسُہُمْ اُها (يعني ذڪرُ اللہ لاءِ ديني اجتماع سجائڻ واري) اهڙي جماعت آھي جو انهن وٽ ويھڻ وارو به بدبخت نه رھندو آھي۔[1]
سُبْحٰنَ اللہ پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو ته! ديني اجتماع ڪيڏا نه بابرڪت آھن...!! جيڪي انهن ديني اجتماعن ۾ ويھندا آھن، اُهي اڪيلا نه هوندا آھن، فرشتا به ساڻن گڏ ويھندا آھن، اُهي اللہ پاڪ جي حمد ڪندا آھن ته فرشتا به انهن سان گڏجي حمد ڪندا آھن، اجتماع ۾ اچڻ وارا اللہ پاڪ جو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami