Share this link via
Personality Websites!
حاصل ڪرڻ جي لاءِ، علمِ دين سکڻ ۽ سيکارڻ جي لاءِ، ذڪر اَذڪار جي لاءِ هن طرح جمع ٿيڻ جو هي جيڪو انداز آھي، اِهو صدين کان ھلندو پيو اچي. اڄ اسان انهيءَ ئي نيڪ ڪم جون فضيلتون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔
اَلحمدُ لِلّٰہ! خوش نصيب اسلامي ڀائر ھر جمعي جي رات جوش ۽ خروش سان، شوق ۽ جذبي سان ھفتيوار سنتون ڀريي اجتماع ۾ شرڪت ڪندا آھن، جيڪڏھن سندن اچڻ ۽ اجتماع ۾ ڪيل نيڪيون اللہ پاڪ جي رحمت سان قبول ٿي وڃن ۽ اسان اميد رکون ٿا، رکڻ به گھرجي ته هُو رحمٰن آھي، اسان جي ھنن مختصر ڪوششن کي ضرور قبول فرمائيندو، جيڪڏھن قبول ٿي وڃن ته ڪھڙيون ڪھڙيون فضيلتون اسان کي نصيب ٿي سگھن ٿيون، اچو ته انهن جي باري ۾ ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جو ذِھن ٺھي ۽ اسان استقامت سان ھي نيڪ ڪم ڪندا رھون۔ سڀ کان پھريان حديث پاڪ ۾ بيان ٿيل ھڪ خوبصورت واقعو ٻڌو!
دِيني اجتماع ۾ فرشتا ايندا آهن
صحابيءِ رسول حضرت عبداللہ بن عباس رَضِیَ اللہُ عنہما فرمائن ٿا: ھڪ ڏينھن صحابئِ رسول حضرت عبد اللہ بن رواحہ رَضِیَ اللہُ عنہ بيان فرمائي رھيا ھئا، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم ٻڌي رھيا ھئا، ايتري ۾ رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف کڻي آيا.
اللہُ اکبر! اُن باڪمال ديني اجتماع جو ڇا ته شان ھوندو...!! هڪ ته اجتماع صحابه جو ھو، مٿان وري نبين جا امام صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم به تشريف کڻي آيا. سُبْحٰنَ اللہ!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami