Share this link via
Personality Websites!
علائقائي دوري ۾ شريڪ ٿي، اسان ٻين کي به ترغيب ڏياريون، ھفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت جا فائدا ٻڌائي، ذِھن ٺاھي پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ جي ڪوشش ڪريون۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب ملندو۔ اللہ پاڪ اسان کي دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيڻ واري ھفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۾ وقت جي پابندي (Punctuality) سان شرڪت ڪرڻ ۽ اجتماع گاہه ۾ ئي سڄي رات گذارڻ جي سعادت عطا فرمائي۔
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
ترا شکر مولا دِیا دینی ماحول نہ چھوٹے کبھی بھی خُدا دِینی ماحول
گنہگارو آؤ! سِیَہ کارو آؤ! گُنَاہوں کو دیگا چھڑا دِینی ماحول
پِلا کے مئے عشق دیگا بنا یہ تمہیں عاشقِ مصطفےٰ دِینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اپريل 2026 جي مهيني کي دعوتِ اسلامي ھفتيوار اجتماع جو مهينو طور ملهائي رھي آھي۔ الحمد للہ! ھفتيوار اجتماع ته پورو سال ئي ھلندو رھندو آھي، پر هي ھڪ مھينو ھن ديني ڪم کي مضبوط ڪرڻ، ان ڏانھن وڌيڪ توجھ ڏيڻ، ان تي استقامت حاصل ڪرڻ ۽ نون نون اسلامي ڀائرن کي ان ۾ شرڪت ڪرائڻ لاءِ خاص ڪيو ويو آھي۔ تنهنڪري توھان پاڻ به ھن ديني ڪم ۾ ڀرپور شرڪت ڪريو ۽ ٻين کي به پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ جي پوري پوري ۽ صحيح معنيٰ ۾ ڪوشش فرمايو!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami