Share this link via
Personality Websites!
مرڻ وقت ديدارِ مصطفيٰ نصيب ٿيڻ جي فضيلت آھي * اهڙي طرح گناھ بخشرائڻ وارو درود شريف پڙھايو ويندو آهي، يعني ھن درود پاڪ کي پڙھڻ سان گناھ بخشڻ جي فضيلت آھي * ھڪ اهڙو درود شريف به پڙھايو ويندو آهي جنھن کي پڙھڻ سان رحمت جا 70 دروازا کُلي ويندا آهن * قُربِ مصطفيٰ ڏيارڻ وارو درود شريف به پڙھايو ويندو آهي * جنهن درود تي پڙهڻ سان 6 لک درود شريف پڙھڻ جو ثواب ملندو آهي، اُهو به پڙھايو ويندو آهي * درودِ شفاعت به پڙھايو ويندو آهي، جنھن کي پڙھڻ واري جي لاءِ شفاعت واجب ٿي وڃڻ جي خوشخبري ڏني وئي آھي * اهڙي طرح حديث پاڪ ۾ بيان ڪيل ٻه دعائون به ھفتيوار اجتماع ۾ پڙھايون وينديون آهن * انهن مان ھڪ دعا اهڙي آھي، جو جيڪڏهن ڪو شخص اها دعا پڙھي وٺي ته حديثِ پاڪ مطابق 70 فرشتا ھڪ ھزار ڏينھن تائين ان جي لاءِ نيڪيون لکندا رھندا آھن ۽ * شبِ قدر جي دعا به پڙھائي ويندي آهي، يعني ھن دعا جي باري ۾ حديث پاڪ ۾ فرمايو ويو آھي: جيڪو شخص ھيءَ دعا 3 ڀيرا پڙھي وٺي، ان ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي۔
ھفتيوار سنتن ڀريي اجتماع جو ھڪ خصوصي سلسلو ذِڪرُ الله به آھي ۽ حديث پاڪ ۾ آھي: جيڪا قوم اللہ پاڪ جو ذڪر ڪرڻ لاءِ ويھندي آهي ته فرشتا ان کي چئني طرفن کان گهيري ڇڏيندا آھن ۽ خدا جي رحمت کين ڍڪي ڇڏيندي آھي ۽ انهن تي سڪينه (يعني دل جو اطمينان) نازل ٿيندو آھي ۽ اللہ پاڪ پنھنجي مقربِين ۾ سندن تذڪرو فرمائيندو آھي.([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami