Share this link via
Personality Websites!
اجتماع ۾ درود پاڪ پڙهڻ جي فصيلت
هُونئن درود شريف اسان کي تنھائي ۾ به پڙھڻ گھرجي، ڪثرت سان پڙھڻ گھرجي، البت! اجتماعي طور درود پاڪ پڙھڻ جون الڳ ئي فضيلتون آھن۔ شيخ شعيب حَرِيۡفِيش رحمۃُ اللہِ علیہ لکن ٿا: جنھن اجتماع ۾ درود پاڪ پڙھيو ويندو آهي، اُتان پاڪيزہ خوشبو اُٿندي آهي، ايسيتائين جو اُھا آسمان جي بلنديءَ تائين پھچي ويندي آهي. ملائڪ چوندا آهن: ھيءَ اُن اجتماع جي خوشبو آھي جنھن ۾ محمد صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تي درود پاڪ پڙھيو ويو آھي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! درود پاڪ جي برڪتن تان به قربان وڃجي...!! گڏوگڏ ملائڪن جي عشقِ رسول تي به ھزار ڀيرا سِر فدا ڪجي...!! ڪھڙو نه باڪمال عشق آھي، ٻانهي جيڪو درود پاڪ پڙھيو، اُن درود شريف مان ڪھڙي قسم جي خوشبو نڪرندي آهي، ملائڪ اُن خوشبوءَ جي به سڃاڻپ رکندا آهن۔ ھن مان هي به معلوم ٿيو ته ذڪر اذڪار، نعت، بيان ۽ سمورن سٺن ڪلمات جي خوشبو ھوندي آھي، پر قربان وڃجي! درود پاڪ جي خوشبو سڀ کان جدا، ممتاز ۽ الڳ شان واري ھوندي آھي. اللہ پاڪ اسان کي تنھائي ۾ به ۽ اجتماعي طور تي به ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
جس کی خوشبو بہارِ خُلد بسائے ہے وہ محبوبِ گُل عِذار دُرود
سر سے پا تک کروڑ بار سلام اور سراپا پہ بے شمار دُرود
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami