Share this link via
Personality Websites!
شرڪت ڪرڻ جي برڪت سان اسان ڪهڙين ڪهڙين فضيلتن جا حقدار ٿي سگھون ٿا؟ اچو ته ٻڌون ٿا!
(1) هفتيوار اجتماع ۾ نمازن جو فيضان
ھفتيوار اجتماع جي سڀ کان پھرين ۽ اھم ترين برڪت ته ھيءَ آھي ته ھن جي سبب اسان کي باجماعت نمازون پڙھڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي * نمازِ مغرب * نمازِ عشاء * نمازِ فجر، پوءِ نفلي نمازون، جهڙوڪ * اَوَّابين * صلوٰۃ التوبه * نمازِ تہجد * نمازِ اشراق ۽ چاشت، جيڪڏھن اسان ھفتيوار اجتماع ۾ اول کان آخر تائين شرڪت ڪريون ته ان جي برڪت سان ھي سڀ نمازون پڙھڻ جي سعادت حاصل ٿي ويندي۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
انهن نمازن جي فضيلت ڪهڙي آھي؟ برڪتون ڪھڙيون آھن؟ ٻڌو! حديثِ پاڪ ۾ آھي: * جنھن فجر جي نماز باجماعت پڙھي، پوءِ ويھي اللہ پاڪ جو ذڪر ڪندو رھيو، ايسيتائين جو سج نڪري آيو، ان جي لاءِ جنت الفردوس ۾ 70 درجا ھوندا ۽ ھر ٻن درجن جي وچ ۾ ايترو فاصلو ھوندو جيترو ھڪ تربيت يافته (Trained) تيز رفتار عمدہ نسل جو گھوڙو 70 سالن ۾ طئي ڪندو آهي * جنھن مغرب جي نماز باجماعت پڙھي، ان جي لاءِ حجِ مبرور (يعني مقبول حج) ۽ مقبول عمري جو ثواب آهي ۽ * جنھن عشاء جي نماز باجماعت پڙھي، ان جي لاءِ لَيْلَۃُ الْقَدْر ۾ قيام (يعني عبادت) ڪرڻ جي برابر ثواب آهي. ([1]) * اهڙي طرح نمازِ اَوَّابين بابت حديث پاڪ ۾ آھي: جيڪو مغرب جي(3 فرض پڙهڻ) کان پوءِ 6 رڪعتون پڙھي ۽ انهن جي وچ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami