Share this link via
Personality Websites!
اللہ پاڪ مجلسِ ذڪر ۾ اچڻ وارن تي فخر فرمائيندو آھي([1]) * ۽ فرشتن جي سامھون سندن ذڪرِ خير فرمائيندو آھي۔([2])
هي اهي برڪتون آهن جن جو احاديث ۾ ذڪر ٿيو آهي، ان کان علاوه * ديني اجتماعن جي برڪت سان اللہ پاڪ جو قرب حاصل ٿيندو آھي *غفلت دور ٿيندي آھي * نيڪي ۽ ڀلائي تي ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ نصيب ٿيندو آھي * ديني اجتماعن جي برڪت سان ايمان مضبوط ٿيندو آھي * ٻنهي جھانن جي ڀلايون ملنديون آھن* معاشري جي اصلاح ٿيندي آھي * پاڻ ۾ پيار، محبت، اتفاق ۽ اتحاد جي دولت نصيب ٿيندي آھي * ان جي برڪت سان اخلاق سنورجندا آھن * ڪردار ۾ بهتري ايندي آھي * عقل وڌندو آھي * سوشل لائيف يعني معاشري ۾ رھڻ ۽ زندگي گذارڻ جو تجربو (Experience) وڌندو آھي * مختلف سروي رپورٽس جي مطابق مذهبي ماڻھو (Religious People) (جيڪي جمعي نماز جي جماعت ۽ ٻين ديني اجتماعن ۾ شرڪت ڪندا رھندا آھن) اُهي غير مذهبي ماڻھن جي نسبت نفسياتي مسئلن (Psychological Problems) جو شڪار گھٽ ٿيندا آھن * ڊپريشن جيڪو اڄ جي دور جو ھڪ وڏو مسئلو آھي، ھاءِ بلڊ پريشر، بڪين جا مرضَ (Kidney Diseases) ۽ ھارٽ اٽيڪ وغيره جو ھڪ وڏو سبب ڊپريشن آھي، ھڪ سروي رپورٽ مطابق مذهبي ماڻھو (جيڪي اجتماعن ۾ شرڪت ڪندا آھن) اُهي ڊپريشن کان گهڻي حد تائين محفوظ رھندا آھن * ڇوته اهي ماڻھو ٻين جي ڏک ۽ درد کان واقف ٿيندا رھندا آھن، تنهنڪري انهن ۾ نيڪي، ڀلائي، خير
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami