Share this link via
Personality Websites!
اُٹھ فَرِیْدَا سُتْیَا تَے میْلَا وِیْکَھن جَا
جَے کوئی مِل جَائِے بَخْشِیَا، تَے تُو وِی بَخْشِیَا جَا
مفھوم: خواجه غلام فريد رحمۃُ اللہِ علیہ نيڪ بزرگ ٿي گذريا آھن، پاڻ غافل نه هئا، غافلن کي جاڳائڻ وارا هئا پر عاجزي ڪندي فرمائن ٿا: اي غفلت ۾ گُم ٿيل فريد! اُٿ ...!! ٻاھر نڪر، ڏِس ته ڪٿي ڪو بخشيل ملي وڃئي ته سندس صحبت جي برڪت سان تنھنجي به بخشش ٿي ويندي.
هڪڙي جو روئڻ سڀني جي ڪم اچي ويو
حضرت سليمان بن منصور رحمۃُ اللہِ علیہ نيڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: مون پنھنجي مرحوم والد صاحب کي خواب ۾ ڏٺو ته پڇيم: اللہ پاڪ اوھان سان ڪھڙو معاملو فرمايو؟ والد صاحب ٻڌايو: اللہ پاڪ مون کي پنھنجو قرب عطا ڪيو ۽ فرمايو: اي گنھگار پوڙها! ڇا تون ڄاڻين ٿو ته مون توکي ڇو بخشيو آهي؟ مون عرض ڪيو: مولا! مان نه ٿو ڄاڻان. فرمايو ويو: ھڪ ڏينھن تون ھڪ اجتماع ۾ (بيان ڪندي) ماڻھن کي روئاريو ھو، انهن ۾ منھنجو ھڪ اهڙو ٻانهو به روئي پيو هو جيڪو منھنجي خوف کان ڪڏھن به نه رُنو ھو، اُن جي روئڻ سبب مون سندس بخشش ڪئي ۽ ان جي صدقي اُن اجتماع ۾ آيل سڀني ماڻهن کي بخشي ڇڏيو.[1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami