Share this link via
Personality Websites!
(نيڪ اجتماعن جي ڳولا ۾) گھٽي گھٽي چڪر ھڻندا رھندا آھن۔
ان مان معلوم ٿيو ته نيڪ اجتماعن ۾ شرڪت لاءِ بيچين رھڻ گھرجي، ڪجھ ماڻھن جو ذِھن ھوندو آھي ته جيتري دير اجتماع ۾ شرڪت ڪندس، ان کان بهتر آھي ته ايتري دير نوافل پڙھي وٺان، ايتري دير تلاوت ڪري وٺان، ديني مطالعو ڪري وٺان۔ بيشڪ نفل پڙھڻ به ثواب جو ڪم آھي، تلاوت به ڏاڍي فضيلت واري نيڪي آھي، ديني مطالعي جو به ڪو جواب نه آھي، پر نيڪ اجتماع ۾ شرڪت جي جيڪا فضيلت آھي، ان جو شان ئي نرالو آھي، توھان پاڻ غور فرمايو! اللہ پاڪ جا فرشتا آھن، نوراني مخلوق آھن، گناھن کان بلڪل پاڪ آھن، ان جي باوجود انھن سياح فرشتن پنھنجو مقصد ئي هي بڻائي رکيو آھي ته اسان کي بس نيڪ اجتماعن ۾ شرڪت ڪرڻي آھي، انهيءَ ئي مقصد لاءِ هُو گھٽي گھٽي گھمندا رھندا آھن۔ معلوم ٿيو ته نيڪ اجتماع مثلاً ھفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت اسان جي Top of the list اهداف ۾ هجڻ گھرجي۔
فرشتا اجتماع کي ڍَڪي ڇڏيندا آهن
ھاڻي روايت جو بقايا حصو ٻڌو! فرشتا جيڪي گھٽي گھٽي جو چڪر ھڻي رھيا ھئا، ھاڻي کين نيڪ اجتماع ملي ويو، ھاڻي اهي ڇا ڪندا آھن: مسلم شريف جي روايت آھي، پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: فرشتا ھن ذڪر جي محفل ۾ ويھي رهندا آھن ۽ پنھنجا پرَ پکيڙي سموري اجتماع کي ڍڪي ڇڏيندا آھن (۽ پَرَ پکيڙڻ جو انداز ڪهڙو ھوندو آھي) ھڪ فرشتو، ٻئي فرشتي جي مٿان پنهنجا پَرَ پکيڙيندو ويندو آھي، ائين ڪندي ڪندي ھن اجتماع واري جاءِ کان وٺي آسمانِ دنيا تائين ھڪ جي مٿان ھڪ فرشتو پنهنجا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami