Share this link via
Personality Websites!
اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
صحابيءِ رسول حضرت ابو سعيد خدري رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي ته، پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: جيڪي ماڻهو ڪنهن مجلس ۾ ويھن پر رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تي درود شريف نه پڙھن، اُهي جيتوڻيڪ جنت ۾ داخل ٿي به وڃن، تڏهن به اُها مجلس سندن لاءِ حسرت جو سبب هوندي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! ھن حديث پاڪ ۾ مجلس جو لفظ استعمال ٿيو آھي، جنھن جو مطلب آھي: ويھڻ جي جاءِ۔ مجلس صرف اجتماع يا وڏي محفل کي ئي نه چئبو آھي، پر اسان عام طور تي پنھنجن دوستن سان ويھندا آھيون، گھر وارن سان ويھندا آھيون، عزيزن ۽ رشتيدارن سان ويھندا آھيون۔ مطلب ته جڏھن به ٻه يا چار ماڻھو گڏجي ويھن، انهن کي گھرجي ته وڌيڪ نه ته گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڀيرو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تي درود شريف پڙھي وٺن۔ جيڪڏھن نه پڙھيائون تڏهن به جيتوڻيڪ گناھ نه به ٿئي، البت هي درود پاڪ کان خالي محفل سندن لاءِ حسرت جو سبب ته ٿي ئي ويندي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami